لاڙڪاڻو(رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو)لاڙڪاڻي ماهوٽا ٿاڻي جي حد ڌامراهه لڳ ڳوٺ پير حاجي محمود شاھه ۾ ٻن ٻارن جي پيءُ 45 ورهين جي شاهد محمود پيرزادو کي اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، واقعي جو اطلاع وارثن پاران حد جي پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو مڙهه پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ان موقعي تي مقتول جي وارث ڀائٽي آصف علي پيرزادو رات دير سان اٽڪل 2 وڳي ڌاري فائر ٿيا ٻاهر نڪتاسين ته چاچي شاهد محمود پيرزادو کي گوليون لڳل ھنيون جيڪو پٽ تي پيو هو. اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي، ظالمن ظلم ڪيو آهي چاچي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري خون سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته واقعو ڳوٺ حاجي پير محمود شاهھ ۾ ٿيو آهي جتي ڪجهه گهر پيرزادن جا آهن جيڪي پاڻ ۾ آهن، وارثن موجب ڪنهن سان به تڪرار ناهي، جاچ ڪري رهيا آهيون جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون.