لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي 9 مئي ڀڃ ڊاهه جي 3 ڪيسن ۾ عبوري ضمانتن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عمران خان طرفان بيريسٽر سلمان صفدر دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو. سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته عمران خان کان جاچ لاءِ سندس گرفتاري گهربل آهي. بيريسٽر سلمان صفدر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جي غيرموجودگي باوجود ضمانتون منظور ٿي سگهن ٿيون. عمران خان جا ٿورا مڃڻ گهرجن، ان جي ڪري ڪافي ڪيس لا سامهون آيا آهن. عدالت جي جج خالد ارشد سلمان صفدر سان مڪالمو ڪيو ته پوءِ ته اوهان جا به ٿورا مڃڻ گهرجن. جج عدالتي عملي کي هدايت ڏني ته وڊيو لنڪ تي پيشي لاءِ اڊيالا جيل ۾ رابطو ڪريو، عدالتي عملي ٻڌايو ته جيل انتظاميا سان رابطو ناهي ٿي رهيو. جج ريمارڪس ڏنا ته سرڪاري وڪيل بيان ڏئي ڇڏي ته درخواست گذار جيل ۾ موجود آهي ته اسان اڳتي ڪيس ٻڌي وٺون ٿا. سرڪاري وڪيل بيان ڏنو ته اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ ميسيج ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جيل ۾ آهي. عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽينڊنٽ جي ميسيج جي پرنٽ رڪارڊ جو حصو بڻائي ڇڏي. بيريسٽر سلمان صفدر چيو ته جيڪڏهن ادارن خلاف نعرا لڳي رهيا هئا ته انهن کي نه پڪڙيو ويو، اهو واقعو ٿيو ته عمران خان حراست ۾ هو، ڪيس ڪيئن ٺهي ويو؟ هو بک هڙتال تي ان لاءِ ويهندو ته عدالتون انصاف فراهم ڪن. بيريسٽر سلمان صفدر موقف اختيار ڪيو ته مبينا سازش جي ڪا تاريخ، وقت نه آهي، ان جا تفصيل نه آهن. سرڪاري وڪيل دليل ڏنا ته اسپيشل برانچ جي رپورٽ موجب عمران خان گرفتاري جي صورت ۾ سول ۽ عسڪري ٺڪاڻن تي حملو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت سرڪاري وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا سيڪيورٽي رپورٽ عدالت ۾ قبولڻ جوڳي آهي؟ جنهن تي سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته جنهن شخص اها رپورٽ تيار ڪئي اهو عدالت ۾ گواهه طور پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهي. تنهن بعد لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جناح هائوس، عسڪري ٽاور، شادمان ٿاڻي ڀڃ ڊاهه جي ڪيسن ۾ عمران خان جي ضمانتن جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو 9 جولاءِ تي ٻڌايو ويندو. 17 مئي تي ٿيل ٻڌڻي دوران 3 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ٿي هئي.