ٺاروشاھه (ن ع آ) ٺاروشاھه ڀرسان ڳوٺ ڦوٽو راجپر ۾ 15 ڏينهن اڳ ڄاول بيمار نياڻي علاج جا پيسا نه ھجڻ جي دفن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو، آهي، ٺاروشاهھ ڀرسان ڳوٺ ڦوٽو راجپر جي رھواسي مڇر راجپر کي 15 ڏينهن اڳ ڄاول بيمار نياڻي علاج جو خرچ نه ھجڻ سبب نياڻي کي زنده دفن ڪري ڇڏيو، واقعي جون خبرون شوشل ميڊيا تي ھلڻ کان پوءِ ايس ايس پي نوشھروفيروز واقعي جو نوٽس ورتو، جنهن تي ٺاروشاهھ پوليس ڳوٺ ڦوٽو راجپر تي چڙھائي ڪري مڇر راجپر جي ڀاءُ محمد حنيف کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن ته نياڻي جو پيءُ مڇر راجپر فرار ٿي ويو آھي، رابطي ڪرڻ تي ٺاروشاھه پوليس ٻڌايو ته نياڻي کي زندا پورڻ واري خبر ۾ ڪا به صداقت ناھي وارثن جو چوڻ آھي ته بيمار ٿيڻ کانپوءِ نياڻي کي دفنايو ويو آھي.