سکر بئراج جا 4 انجنيئر جاچ پوري ٿيڻ کان اڳ ئي معطل

ڪراچي (محسن ٻٻر) سنڌ حڪومت سياسي دٻاءَ کي جھڪو ڪرڻ لاءِ سکر بئراج جو دروازو لڙهي وڃڻ واري معاملي ۾ سکر بئراج جي چيف انجنيئر سميت 4 عملدارن کي معطل ڪيو آهي. ناليواري پاڻي ماهر نصير ميمڻ چيو آهي ته رڳو آفيسرن جي معطلي سان معاملو حل نه ٿيندو. پهريان حڪومت ان  معاملي جي جاچ ڪري ان جا نتيجا سامهون آڻي ها، پر ان جاچ پوري ٿيڻ کان اڳ ئي چئن انجنيئرن کي معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته دروازو ڪرڻ جي ٽيڪنيڪل جاچ آزاد، شفاف نموني ٽين ڌر کان ڪرائي وڃي، مقامي انجنيئر اها جاچ نه ڪري سگهندا. هن چيو ته چيني انجنيئرن جي هلندڙ منصوبي دوران سڄي سکر بئراج جي انسپيڪشن ٿيڻ گهرجي ته جيئن ٻين دروازن جي صورتحال بابت معلوم ٿي سگهي. هن چيو ته سکر بئراج پبلڪ پراپرٽي آهي، ان جا سڀ دستاويز عام ماڻهن لاءِ پڌرا ڪيا وڃن ته انهن کي به معاملن جي ڄاڻ ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.