ڪراچي (رپورٽر )ڄام شورو سجاڳ فورم طرفان انوکو احتجاج 45 سال اڳ 5 جولائي 1977 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري واقعي تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڦاهي ڏيڻ جو علامتي اسٽيج لڳائي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي اقبال ڪوريجو، جاويد گهرياڻي، احمد علي کوکر، رضا جوکيو نذير چوهاڻ، دلشاد نظير، دعا سومرو، حاجراه، ڪشف احمد علي ۽ ٻين ڪئي. احتجاج ڪندڙن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ جو احتجاج ڀٽو ريفرنس سان يڪجهتي لاءِ ڪيو پيو وڃي، صدر پاڪستان کي سلام پيش ڪيون ٿا جنهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ ڀٽو ريفرنس پيش ڪيو، شهيد زوالفقار علي ڀٽي تي ڪوڙا الزامن هڻي بيڏوهي عدالتي قتل ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن ڪفن پائي منهن تي ڪارا ڪپڙا پائي ڳلي ۾ ڦاهي جا ڦندا لڳائي هٿن ۾ انصاف واري ترازو ڪڻي اکين تي پٽي ٻڌي ڦاهي تختي وارو منظر پيش ڪندي احتجاج ڪيو. مظاهرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري طرفان ڀٽو ريفرنس پيش ڪري پنهنجو پاڻ کي قيامت تائين سرخرو ڪري ڇڏيو آهي. اسانجي اپيل آهي ته هن احتجاج ۽ پيغام کي سڄي دنيا تائين پهچايو وڃي.