اسلام آباد (م ڊ): نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪنهن به اهڙي شيءِ جي اجازت نه ڏيندس، جيڪا قانون خلاف هجي، نجڪاري جو عمل شفاف ٿيندو. سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪابينا جي نجڪاري ڪميٽي جو چيئرمين جي حيثيت سان خاطري ڪرايان ٿو ته نجڪاري جي عمل جو عمل شفاف ٿيندو، هر شيءِ ڪابينا ڪميٽي ۾ ايندي، جتي ان جو پوسٽ مارٽم ٿيندو ۽ پوءِ اهو ڪابينا وٽ ويندو. هن چيو ته نجڪاري جي عمل بابت اتحادين کانپوءِ ايوان کي اعتماد ۾ وٺنداسين. هن چيو ته اسٽيل ملز جي نجڪاري نه ٿيڻ سبب اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي، پوءِ ڇا اهو اسان جو فرض ناهي ته رهنمائي ڪريون. ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ان تجويز سان متفق آهيان ته معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته غزه تي حڪومت جو واضح موقف آهي، پاڪستان غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن تي هر فورم تي آواز اٿاري رهيو آهي، انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس ٿيڻ گهرجي. ان کان اڳ توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته نجڪاري کانسواءِ ادارن کي ٺيڪ ڪرڻ جو ڪو به طريقو ناهي. وفاقي وزير چيو ته مان ڪجهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو، اهو قانون ٺهڻ کان اڳ بورڊ آف ڊائريڪٽرز مقرر ڪيو ويو هو، نجڪاري جو معاملو هن حڪومت ۾ ڪڏهن به بورڊ آف ڊائريڪٽرز آڏو پيش نه ڪيو ويو، هاڻي اسان نجڪاري جو فريم بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان وٽ نيپرا جو قانون آهي، جنهن تحت ڪا به ڊسٽريبيوشن ڪمپني پنهنجا اثاثا بجلي فراهم ڪرڻ کان سواءِ ڪنهن به مقصد لاءِ استعمال نٿي ڪري سگهي. ان کان اڳ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ ايوان کي ٻڌايو ته 1997ع جي سروسز مينوئل تحت اشتهار ڏنا ويندا آهن پر 2021ع ۾ پاليسي آئي جنهن ۾ 2022ع ۾ ترميم ڪئي وئي، ان ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا لاءِ ڪو به پئمانو ناهي، جنهن سان خبر پوي ته ڪنهن کي ڪيترا اشتهار مليا. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جو پنهنجو نظام آهي ۽ ان تحت ريٽنگ جي فريڪوئنسي ۽ ريٽ مقرر ڪيا وڃن ٿا، اتي هڪ ريٽ ڪميٽي آهي، جيڪا فيصلو ڪندي آهي ته ڪهڙي چينل کي ڪهڙي فريڪوئنسي ۽ ڪهڙي ريٽ تي اشتهار ڏيڻو آهي. هن چيو ته اليڪٽرانڪ ريٽنگ سسٽم موجود آهي ۽ اخبارن جو آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن آهي، جيڪو ان جي نگراني ڪندو آهي، گذريل 5 سالن ۾ اخبارن کي 9 ارب ۽ ٽي وي کي 6 ارب اشتهار ڏنا ويا. عطا تارڙ چيو ته بجيٽ ۾ نيوز پرنٽ تي ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي هئي پر اسان نيوز پيپر ايسوسيئشن جي مطالبي تي ان کي ختم ڪيو آهي. بعد ۾ قانون واري وفاقي وزير رياستي ادارن جي گورننس اينڊ آپريشنز ترميمي بل منظوري لاءِ سينيٽ ۾ پيش ڪيو، پي ٽي آءِ بل جي مخالفت ڪئي. بل تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته هي بل انهن ڊائريڪٽرن کي هٽائڻ لاءِ آهي، جيڪي ادارن ۾ ڪجهه به نه ڪري رهيا آهن.انهن ۾ ڪا به اهليت ناهي. بل ۾ گڊ گورننس بابت ترميمون شامل آهن. ان سان گڏ ايوان گورننس اينڊ آپريشنز ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر چيو ته ان بل جو مقصد ڪجهه ٻيو آهي، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو مدو 3 سالن لاءِ مخصوص آهي، ان کي ختم ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ چيئرمين چيو ته اسٽينڊنگ ڪميٽي اهو بل منظور ڪري چڪي آهي. هن چيو ته بورڊ آف گورنرز کي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي نوڪري جي سڪيورٽي هئڻ گهرجي، بورڊ آف گورنر وٽ ٽي سال آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي هٽائڻو آهي ته ثبوت هئڻ گهرجن. بعد ۾ چيئرمين سينيٽ اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.