ٺٽو/جھمپير(رپورٽ: منصور جلالاڻي+نظير پالاري)قومي عوامي تحريڪ جھمپير ۾ جشن لطيف جو جلسي عام ٿيو، جنھن ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن سميت ھزارين ماڻھو شريڪ ٿيا، جلسي ۾ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيا، جڏھن ته مظھر راھوجو، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر زينت سمون، جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، ايس جي ايس ٽي جي رفيه پليجو، روشنه پٺاڻ، ياسر جاکرو، اشرف پليجو، ڪرڙ ريٻاري، الطاف خاصخيلي، آغا عباس، ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، جھمپير يونٽ جو صدر جميل پالاري، بشير الله سمون، ممتاز شيخ، مرتضي لاشاري، ڪمال پالاري، لياقت ٻارڻ، وقار درس، شبير ڀٽي ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجي جشن لطيف جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته جان محمد مھر، اجمل ساوند، نصرالله گڏاڻي ۽ ٻيا نوجوان قتل ڪري خون لوڙھيا پيا وڃن. سنڌ ملڪ جي معيشت جو مرڪز آهي، ان جي تباهي ملڪ دشمني آهي، اسان کي چينين ۽ عربن جي ترقي ۽ رواداري مان سکڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ سخت سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪارآهي. ٺٽي ضلعي ۾ نه روزگار، نه ترقي ۽ نه تعليم آھي سنڌ جي ترقي لاءِ تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ سبب ماڻهو ذهني مريض بڻجي ويا آهن. پاڪستان جي ترقي لاءِ دهشتگردي، تعصب ۽ ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻو پوندو. پاڪستان کي شفاف چونڊن ۽ سخت احتساب جي ضرورت آهي، ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپورخاص، ٿر، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ يونيورسٽيون ۽ صنعتون قائم ڪيون وڃن. پريا ڪماري، نصرالله گڏاڻي، اجمل ساوند ۽ فاطمه ڦرڙو سان انصاف ڪيو وڃي. جلسي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.