برطانيا ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جو 14 ورهين جو دور ختم،ليبر پارٽي جي سوڀ

لنڊن (م ڊ) برطانيا جي عام چونڊن ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي بدترين شڪست کانپوءِ رشي سونڪ وزيراعظم جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي پارٽيءَ جي سربراهي تان به هٿ کڻي ورتو آهي. برطانيا ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جو 14 سالن جو اقتدار ختم ٿي ويو، جتي وقت کان اڳ ٿيل عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي فتح حاصل ڪري ورتي آهي،  جنهن کانپوءِ سر ڪيئر اسٽارمر نئون وزيراعظم بڻجي ويو آهي. برطانيا ۾ عام چونڊن کانپوءِ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي جتي 650 سيٽن مان ليبر پارٽي 412 سيٽون کٽي چڪي آهي، جڏهن ته ڪنزرويٽو 121 ۽ لبرلز 71 سيٽون حاصل ڪيون آهن. چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ الوداعي خطاب ۾ رشي سونڪ  هار قبول ڪندي پارٽي ليڊر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نئون ليڊر اچڻ تائين ذميواري ادا ڪندو رهندس. رشي سونڪ چيو ته چونڊ نتيجن ذريعي اسان وٽ سکڻ ۽ غور ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي ۽ مان شڪست جي ذميواري قبول ڪيان ٿو. ٻئي طرف ڪيئر اسٽارمر برطانيا جو نئون وزيراعظم بڻجي ويو آهي. هن حڪومت ٺاهڻ جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئير اسٽارمر چيو ته اسان کي اڳتي وڌڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي عوام تبديلي ۽ نواڻ لاءِ فيصلائتو ووٽ ڏنو آهي. برطانوي وزيراعظم چيو ته دنيا سنگين چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي، برطانيا کي هڪ ڀيرو وري رهنمائي ڪندڙ ملڪ بڻائينداسين. هن چيو ته حڪومت هر شهري کي احترام جي نظر سان ڏسندي، حڪومت سڀني لاءِ ڪم ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.