سنڌ جاهل سردارن جي گهيري ۾ آهي، عدالتون غيرقانوني جرڳن جو نوٽيس وٺن: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر) دانشورن، ناميارن وڪيلن ۽ عورت اڳواڻن، ساوند-سندراڻي تڪرار جو رڳو ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي تهسنڌ جا ماڻهو جرڳن کي قبول نه ڪن، سنڌ ڪنهن به صورت ۾ وحشي قبيلائي سردارن ۽ ڀوتارن جي حوالي ٿيڻ نه ڏني وڃي، معصوم انسانن جي خون بها جي لاءِ رقم مقرر ڪرڻ انسانيت ناهي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ ٿيندڙ غير قانوني جرڳن جو نوٽيس وٺن ۽ جرڳا ڪندڙ سردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن عوامي آواز سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ سوشل ميڊيا تي ساوند-سندراڻي تڪرار جي جرڳي بابت لکيل پنهنجين پوسٽن ۾ ڪيو. ان حوالي سان اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان يوسف لغاري ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جرڳن خلاف ڏنل پنهنجي فيصلي جي خلاف ورزي ٿيڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي، ساڳي طرح هاءِ ڪورٽ کي به اهو اختيار آهي، ان ڪري سپريم ڪورٽ کي سنڌ ۾ ٿيندڙن جرڳن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، انسانن جي خون بها جي رقم مقرر ڪرڻ انسانيت ناهي. هن چيو ته آمر ضياءَ جي دور ۾ خون معاف ڪرڻ جهڙا قانون ٺهيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين موجود آهن، ڪنهن به طرح سان خون معاف ڪرڻ ڀلي قانوني هجي پر ساڃاهه وند جي سوچ موجب اهو عمل انتهائي غلط آهي، ڇو ته سردار ۽ ڀوتار زور زبردستي به جرڳا ڪن ٿا، ماڻهن تي دٻاءَ به وڌو وڃي ٿو، پوليس هٿ ڪڍي ويهي رهي ٿي ۽ جواز اهو ٿو ڄاڻايو وڃي ته خونريزي ختم ڪرڻ جي لاءِ جرڳو ڪيو، پر تڪرار ختم پوءِ به نٿا ٿين وري ڪجهه عرصي بعد ساڳي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي، انسان ماريا وڃن ٿا ۽ سردار جرڳو ڪن ٿا. هن چيو ته جيستائين جوابدارن کي سزا نه ملندي تيستائين اهو خونريزي وارو سلسلو بند نه ٿيندو. نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته سنڌ جو الميو آهي ته آڱوٺي ڇاپ ماڻهن فيصلو ڪيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس جي شعبي ۾ پي ايڇ ڊي ڪندڙ پروفيسر جي زندگيءَ جو ملھه ڪيترو ٿيندو، سنڌ سرڪار صوبي کي وحشي ۽ جاهل قبائلي دهشتگردن ۽ سردارن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، انسانن جا وحشياڻا قتل دهشتگردي آهن، انهن تي جرڳا انصاف جي توهين آهن. هن چيو ته فنڪشنل رياست ۾ جرڳن جو ڪو جواز ئي نٿو ٺهي، ڇو ته عدالتون ۽ قانون موجود آهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته انصاف جي نظام ۾ تمام گهڻيون خاميون آهن، پوليس پنهنجي ذميواري نٿي نڀائي، پر سڌارا آڻي سگهجن ٿا، سڌارا آڻڻ وارو ڪم حڪومتن ۽ چونڊيل اسيمبلين جو آهي. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته حڪومتون سردارن ۽ جرڳن جي سرپرستي ڪن ٿيون، ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته حڪومتون پنهنجو وجود وڃائي ڇڏين ٿيون. هن چيو ته عدالتن جي هوندي جيڪڏهن سردار جرڳا ڪن ته ان سان قبائليت ۽ جهالت کي هٿي ملندي، سنڌ جا ماڻهو جرڳن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪن. نامياري دانشور جامي چانڊئي قبيلائي جرڳن جون بُڇڙائيون پنهنجي فيسبڪ پيج تي لکيون ته فيصلا ڪندڙ جاھل ھوندا آھن، فيصلا مرد ڪن ٿا، فرد کي قبيلي جي ملڪيت سمجھن ٿا، انفرادي ۽ سماجي انصاف کان اڻ واقف آھن، قتل کي ڏنڊ ۾ معاف ڪن ٿا، قانون جي حڪمراني ۾ ويساهه نه ٿا ڪن. هن چيو ته ساوند-سُندراڻي تڪرار جي نالي ۾ خوني دھشتگردي ۾ ملوث سمورن قاتلن کي سزائون ملڻ گھرجن، اجمل ساوند جھڙي سائنسدان جو مُلھه ڪروڙ رپيا؟ اعليٰ عدالتون ڪٿي گم آھن؟ جو جاھل سردار جرڳا پيا ڪن؟. عوامي پورهيت تحريڪ جي صدر ايڊووڪيٽ جي اين کوسي لکيو ته اجمل ساوند جهڙن ماڻهن جو خون بها مقرر ڪندڙن جهڙا سوين سردار به اجمل ساوند جهڙي سائنسدان جي خون بها نه ٿا ٿي سگهن. وومنز ايڪشن فورم جي اڳواڻ امر سنڌو ساوند-سندراڻي تڪرار جي جرڳي جون وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪندي لکيو ته وومنز ايڪشن فورم 2008ع سنڌ ۾ جرڳن خلاف جاڳرتا مھم ھلائي، ھر ضلعي ۾ وڃي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين مان ھڪ لک دستخط ورتا، جرڳن خلاف تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عرفانه ملاح جرڳن خلاف وومنز ايڪشن فورم پاران هلايل جاڳرتا مهم جي تصوير رکي لکيو ته ھي تصوير 15 سال پراڻي آھي، ھر سال ويف حيدرآباد جرڳا نظام خلاف آواز بلند ڪندي رھي ٿي، جرڳا نظام سنڌ جي ترقي ۾ تمام وڏي رڪاوٽ آھي، ھن نظام ڏوھارين کي تحفظ ڏئي مضبوط ڪيو آھي، جرڳن تي سپريم ڪورٽ سان گڏ هاءِ ڪورٽ به پابندي وجهي چڪي آھي، ڪالھه جن اجمل ساوند جي خون جو جرڳو ڪيو آھي انھن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪري کين گرفتار ڪرايو وڃي. سماجي روين تي تنقيد ڪندي سماج سڌارڪ اڳواڻ ۽ ليکڪ ذوالفقار هاليپوٽي لکيو ته پيارا اجمل ساوند تون بس ھڪ ڪروڙ جو آھين، تنهنجو ملهه تنهنجي ڇهن مهينن جي پگهار طئه ڪئي وئي آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.