حيدرآباد ( رپورٽر) نامياري وڪيل سجاد احمد چانڊئي جرڳن خلاف آيل عدالتي فيصلن تي عملدرآمد نه ڪرڻ خلاف پٽيشن داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جرڳن کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اهي هدايتون به ڪري چڪي آهي ته جنهن به ضلعي ۾ جرڳو ٿيندو ان ضلعي جو ايس ايس پي ذميوار هوندو، عدالتي فيصلي موجب جرڳو ٿيڻ تي پهريان ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، سنڌ ۾ پوليس آفيسرن جيحالت اها آهي ته ڊي آئي جي سطح جو آفيسر پروگرامن ۾ وڏيرن ۽ سردارن کي چانهه پيو پيش ڪري، پوليس آفيسر سردارن ۽ وڏيرن جا ذاتي ملازم لڳا ويٺا آهن. هن چيو ته هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي اندر جرڳن خلاف قانونسازي ڪرڻ جي لاءِ ڊائريڪشن به ڏئي چڪي آهي، پر اسيمبلين ۾ ويٺل نٿا چاهين ته جرڳن جو خاتمو ٿئي ڇو ته اهي سردار ۽ وڏيرا پنهنجي حاڪميت ۽ جبر کي قائم رکڻ جي لاءِ سرداري نظام کي مضبوط ڪرڻ گهرن ٿا. هن چيو ته اها به حقيقت آهي ته آمر ضياءَ جي دور ۾ اهڙا قانون ٺهيا جنهن ۾ خون معاف ٿي سگهي ٿو، پر ان کانپوءِ نام نهاد پڙهيل لکيل ۽ پاڻ کي سيڪيولر جماعت سڏرائيندڙن آمر جي دور جي ٺهيل اهڙن قانونن کي ختم ڪرڻ يا تبديليون آڻڻ جي لاءِ ڪا به قانونسازي نه ڪئي، اسان سمجهون ٿا ته خون معاف ڪرڻ جو قانون موجود آهي، پر هن جديد دور ۾ سنڌ اندر جاهل سردارن، ڀوتارن ۽ وڏيرن جي سربراهي ۾ جرڳا ڪري انسانن جي خون جي قيمت لڳائڻ وارو عمل نه صرف غير قانوني آهي، پر سنڌ کي پٿر جي دور ڏانهن وٺي وڃڻ واري سوچ جي عڪاسي به آهي. هن چيو ته هنن جرڳائي سردارن ۽ ڀوتارن کي حڪومتن جا نام نهاد پڙهيا لکيا سربراهه مضبوط ڪري رهيا آهن ۽ پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري ته اجمل ساوند جهڙي پڙهيل لکيل اعلي تعليم يافته انسان جي خون جو بها هڪ ڪروڙ ٿو مقرر ٿئي، انسان جي ته ڪا قيمت ٿي نٿي سگهي. هن چيو ته هر شهري سان برابري جي بنياد تي قانون موجب ورتاءُ ڪرڻ ۽ انصاف تائين رسائي ممڪن بنائڻ جهڙن عالمي معاهدن جي روشني ۾ به جرڳا وڏو ڏوهه آهن. هن اعلان ڪيو ته اسان ڪجهه وڪيل دوست صلاح مشورو ڪري رهيا آهيون ته جرڳن خلاف عدالتي فيصلن جي روشني ۾ پٽيشن تيار ڪري عدالت جو در کڙڪائجي.