اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته عزم استحڪام بابت اي پي سي تي اتحادين سان مشاورت جاري آهي، اي پي سي ۾ سڀني سياسي پارٽين کي گهرايو ويندو ۽ سڀني کي شرڪت ڪرڻ گهرجي. پي ٽي آءِ باني جو اي پي سي ۾ شرڪت جو اعلان سٺو سنوڻ آهي، الله ڪري هو ان تي قائم رهي. پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ جا اڻ ڳڻيا مواقعا موجود آهن ۽ دوست ملڪ پاڪستان سان ٻطرفو واپار وڌائڻ چاهين ٿا. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جو تاجڪستان ۽ قازقستان جو دورو ڪامياب رهيو. ڪراچي پورٽ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته فلسطين مسئلي تي وزيراعظم چٽو موقف رکيو. وزيراعظم پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي ڳالهه ڪئي جڏهن ته اسلاموفوبيا ۽ دهشتگردي تي به ڳالهايائين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اي پي سي گهرائڻ جي معاملي تي مشاورت جاري آهي.