لاهور (م ڊ) مسلم ليگ ن جي قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف محرم الحرام کانپوءِ سياسي سرگرميون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب نواز شريف پهرين مرحلي ۾ پنجاب جي مختلف ضلعن جو دورو ڪندو جتي ضلعي سطح تي پارٽي جي تنظيم سازي ڪئي ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف ٻين صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جا به دورا ڪندو.