ڪراچي ( رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو آهي ته 18هين ترميم ذريعي جمهوري حڪومتن کي غير آئيني طور تي ختم ڪرڻ جو رستو هميشه لاءِ بند ڪيو ويو آهي ۽ 18هين ترميم جي ڪري ملڪ ۾ جمهوريت برقرار آهي۽ پارليامينٽ پنھنجو آئيني مدو پورو ڪندي پئي اچي۔ 5 جولاءِ جي مناسبت سان جمعي تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته آئين جي اصل حالت ۾ بحالي ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن به جمهوري حڪومت کي بي اعتمادي جي رٿ کانسواءِ ڪنهن به غير آئيني طريقي سان هٽائي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته هاڻي آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي آرٽيڪل 6 جو ڏوھاري قرار ڏنو ويو آهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران 5 جولاءِ 1977ع واري ضياءُ الحق جي آمراڻي عمل ۽ شهيد ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ خلاف سڄي سنڌ جي ضلعي هيڊ ڪوارٽرن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو ۽ ان ڏينھن کي تاريخ ۾ ڪاري ڏينھن طور ياد ڪيو ويندو،ھن چيو آئين کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ، 18هين ترميم جو ڪريڊٽ پارليامينٽ ۽ صدر آصف ڏانھن وڃي ٿو. نثار کهڙو چيو ته ملڪ ۾ سمورن مسئلن جو حل جمهوريت جي تسلسل , پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي ۾ آهي. جيڪڏهن سمورا ادارا پنهنجي دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿيندي.