لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز عوام کي رليف ڏيڻ جو فيصلو ڪندي 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. مريم نواز موجب بجلي جي وڌندڙ بلن تي تڪليف آهي، غريبن جي پريشانين کان آگاهه آهيون، انهن سان گڏ آهيان ۽ سند حقن لاءِ بيٺل رهنديس. پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته 200 کان 500 يونٽس وارن واهپيدارن کي سولر لاءِ بنا وياج جي قرض ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، صوبائي حڪومت 200 کان 500 يونٽس وارن واهپيدارن کي سولر هڻڻ لاءِ 75 سيڪڙو رقم ادا ڪندي. وزيراعليٰ پنجاب لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته غريبن کي رليف ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وڃي.