ڪراچي ( رپورٽر )ضلعي سينٽرل پوليس ڪومبنگ آپريشن دوران اهم ڪاروائي ڪندي سي ٽي ڊي سنڌ جي گري لسٽ ۾ شامل انتهائي گهربل جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدار فدا محمد عرف ڪي ڪي کي ٻين ڏوهن ۾ به ملوث آهي. ايس ايس پي ذيشان شفيق ٻڌايو ته جوابدار وٽان اڍائي ڪلو گرام منشيات هٿ ڪئي وئي، فدا محمد عرف ڪي ڪي جو اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ به حاصل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي سينٽرل وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي ڪئي پئي وڃي.