سيکاٽ مان اغواٿيل نريش ڪمار بازياب ٿي ويو

مٽياري (رپورٽ: ضمير خاصخيلي) اوڏيري لال اسٽيشن کان حيدرآباد ويندي 16 ڏينهن اڳ سيکاٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل نوجوان واپاري نريش ڪمار شڪارپور ڀرسان آپريشن بعد بازياب ٿي ويو، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو جي قيادت ۾ ڪيل آپريشن دوران نريش ڪمار کي آزاد ڪرايو ويو، نريش جي بازياب ٿيڻ سان گھر وارن سميت پوري ضلعي ۾ خوشي جي لھر ڇانئجي وئي آهي، ٻئي طرف واپاري نريش ڪمار جي ڀاءُ پريم  چند چيو آهي ته آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ملڪ سڪندر،ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر شاھه ۽ سموري سنڌ پوليس جا ٿورائتا آھيون جن جي ڪاوشن سان ڀاءُ نريش ڪمار مليو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.