خانپورمهر ( ن ع آ ) 3 هفتا اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل خانپورمهر جي ڳوٺ ولودڙي واسي 2 سڳن ڀائرن سميت 3 نوجوان خالد گبول, c جاويد گبول ۽ فرمان گبول ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهچي ويا آهن ان سلسلي ۾ نوجوانن جو چوڻ آهي ته عيد کان هڪ ڏينهن اڳ هڪ ٽڪ ٽوڪر جي ڳالهين ۾ اچي سکر ويا سين جتان شڪارپور جي ڳڙهي تيغو واري علائقي ۾ پهتاسين جتان ڌاڙيلن اغوا ڪيو ڌاڙيلن يرغمال بڻائي ڀنگ رقم لاءِ مسلسل تشدد ڪندا هئا گذريل رات وجهه وٺي ڌاڙيلن وٽان ڀڄي نڪتا آهيون هنن چيو ته نوجوانن کي گھرجي ته نوجوان ڪنهن به اجنبي ماڻهو جي چوڻ تي ڪيڏانهن به نه وڃن ٻئي پاسي ذريعن موجب آزاد ٿيل ٽئي نوجوانن کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي بازياب ڪرايو ويو آهي هوڏانهن اغوا بعد آزاد ٿيل نوجوانن جي گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.