اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي انفارميشن سيڪريٽري رئوف حسن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان ۽ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي پي ٽي آءِ جي ڪيسن کان پري رهڻ گهرجي، ٻنهي ججن خلاف مسلسل چوندو رهيو آهي ته انهن مان اسان کي انصاف جي ڪا اميد نه آهي نه ئي انهن مان اها اميد رکڻ گهرجي،انهن کي پارٽي جي ڪيسن واري بيئنچ کان الڳ ٿيڻ گهرجي، هن وڌيڪ چيو ته ڪاله ٿيندڙ جلسي جي اجازت ڏيڻ باوجود رياستي فاشزم ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جلسو نه ٿئي. رئوف حسن وڌيڪ چيو ته اسان هر صورت ۾ اتي ئي جلسو ڪنداسين چاهي پوءِ اسٽيج، لائيٽ نه هئجي، هر هڪ کي گرفتار ڪرڻ باوجود به جلسو ڪنداسين، هي عوامي تحريڪ جي شروعات آهي، ان کي جاري رکنداسين، اڳتي وڌنداسين.