پريالوءِ/پير جو ڳوٺ (نمائندن وٽان ) پريالوءِ ڀرسان فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ قيصر خان خروس م عزيز خروس ۽ جمال خروس جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻو خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو جنهن جي نتيجي ۾ جمال خروس واري ڌر جي هٿياربندن عزيز خروس جي ڌر تي حملو ڪري ڇتي فائرنگ شروع ڪئي جنهن ۾ گوليون لڳڻ ڪري بلال پٽ محمد خروس ۽ سندس ٽن ورهين جي ڌي فرزانا خروس موقعي تي ئي قتل ٿي ويا جڏهن ته مقتول جي گهر واري سخت زخمي ٿي پئي واقعي بعد حملي آور ڌر فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا هوڏانهن واقعي جو اطلاع ملڻ تي حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ پهچي ٻنهي مقتولن جا لاش ۽ زخمي عورت کي کڻائي پيرجوڳوٺ اسپتال پهچايا جتان پوليس ٻنهي مقتولن جو لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيا جنهن بعد قتل ٿيل ٻنهي مقتولن بلال ۽ سندس معصوم ڌي جو لاش کڻائي واپس گهر پهچايا ته سندن گهر ۾ قهرام مچي ويو .ان سلسلي م مقتولن جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي گهرن مٿان جمال خروس جي ڌر حملو ڪيو آهي جنهن ۾ بلال ۽ سندس ڌي فرزانا قتل ٿي ويا آهن جڏهن ته هڪ عورت مقتول بلاول جي گهر واري پڻ زخمي ٿي پئي آهي هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو هو ۽ نه ڪا گرفتاري عمل اچي سگهي آهي.