ڪراچي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو سلسلو شروع

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جوسلسلو شروع ٿي ويو، سندس چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽن جو مقصد منشيات سمگلنگ روڪڻ جو نظام بهتر بڻائڻ آهي، منشيات خلاف ڪاررواين لاءِ نارڪو ٽيڪس ونگ کي مضبوط بڻائڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي هدايتن تي ڪراچي جي ايندڙ ويندڙ رستن تي چيڪ پوسٽون ٺاهڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. ايڪسائيز نارڪو ٽيڪس ڪنٽرول جي وڏي نفري اڄ کان مختلف هنڌن تي اسنيپ چيڪنگ شروع ڪندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ آهي ته چيڪ پوسٽن جو مقصد منشيات سمگلنگ روڪڻ جو نظام بهتر بڻائڻ آهي. سندس چوڻ هو ته مختلف اسٽريٽجڪ هنڌن تي نفري جي مقرري فوري طور اثر انداز ٿيندي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته منشيات خلاف ڪاررواين لاءِ نارڪو ٽيڪس ونگ کي مضبوط بڻائڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.