ڪشمور ۾ غوثپور واسي مغوين جي آزادي لاءِ ريلي

ڪشمور (ڊ ر) ڪشمور ۾ غوثپور واسي ٽن مغوي ھندو نوجوانن سنجي ڪمار ، نتيش گيھاڻي ۽ نتيش ڪمار جي بازيابي لاءِ ھندو نوجوان  اتحاد جماعت اسلامي اڳواڻن ۽ شھرين پاران ھندو پنچائتي حال کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪشمور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مغوين جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي ھندو نوجوان اتحاد اڳواڻ نتن ڪمار، ايوش ڪمار، مجاھد حسين لانگاھه، افصل عطا ڪلوڙ، علي مراد چاچڙ ۽ ٻين پاران ڪشمور پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي مغوي نوجوانن جي بازيابي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ھندو نوجوان اتحاد اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي مغوي ھندو نوجوانن کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي آئي جي سنڌ نوٽس وٺي مغوي نوجوانن کي فل فور بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.