ڪراچي ۾ پ پ عھديدار جو سندس گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ

ڪراچي ( رپورٽر )ڪراچي جي مومن آباد ٿاڻي جي حد اورنگي ٽائون جي علائقي فقيرا ڪالوني ۾ واقع پريشان چوڪ لڳ پيپلز پارٽي  جي هڪ عھديدار جو گهر مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته مالي تڪرار تان مڙس ۽ زال ۾ جهيڙو ٿيو، جهيڙي بعد علي شير ولد امير گل ڪمري ۾ ويو ته فائرنگ جو آواز به ٻڌو ويو. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گهر اندر ڀاڄائي ان جو هٿيار کڻي لڪايو ته گهر وارن کي ڊپ هو ته سندن خلاف ڪيس داخل نه ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.