ڪراچي ( رپورٽر ) شهر ۾ پوليس مقابلن دوران لياري گينگ وار جي ڪارندي سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. پوليس موجب ڪلري پوليس هٿان گرفتار جوابدار جو تعلق لياري گينگ وار عزير بلوچ گروپ سان آهي، جيڪو ڀتا خوري سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ ملوث هو. ڪلري پوليس خميس ۽ جمعي جي وچ ڌاري ماڙي پور روڊ تي پراڻي ٽرڪ اڏي ڀرسان مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو، جنهن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس سڃاڻپ 31 ورهين جي محمد افضل شاهه ولد محمد عرف غلام مصطفيٰ شاهه جي نالي ٿي آهي. گرفتار جوابدار وٽان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.
-
پنجاب ۾ محرم الحرام دوران فوج ۽ رينجرز جون خدمتون طلب
لاهور (م ڊ)پنجاب جي گهرو وزير محرم الحرام ۾ امن امان بابت فوج ۽ رينجرز جي خدمت طلب ڪري ورتي آهي، پنجاب جي گهرو کاتي جي ترجمان موجب محرم الحرام دوران امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس جي مدد لاءِ فوج ۽ رينجرز کي طلب ڪيو ويو آهي.ترجمان موجب پنجاب ۾ فوج ۽ رينجرز جون 150 ڪمپنيون طلب ڪيون ويون آهن. پنجاب جي گهرو کاتي موجب پنجاب ۾ فوج جون 69 ۽ رينجرز جون 81 ڪمپنيون مقرر ڪرڻ لاءِ خط لکيو ويو آهي.پنجاب جي گهرو کاتي جي ترجمان موجب خط پنجاب پوليس جي درخواست تي سيڪيورٽي مدد لاءِ لکيو ويو آهي.
-
انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين جي بحالي وارو نوٽيفڪشن معطل
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جنسي حراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ڏوهه ثابت ٿيڻ تي انٽر بورڊ جي هٽايل چيئرمين نسيم ميمڻ کي ٻيهر بحال ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي .عدالت انٽر بورڊ ڪراچي جي چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ جي بحالي وارو نوٽيفڪشن معطل ڪري ڇڏيوآهي .عدالت ايندڙ ٻڌڻي تائين نسيم ميمڻ کي ڪوبه عهدو ڏيڻ کان روڪي ڇڏيوآهي . عدالت سنڌ حڪومت، سيڪريٽري يونيورسٽي ، چيئرمين انٽر بورڊ ڪراچي نسيم ميمڻ ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏياآهن . عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڌرين کان 6 آگسٽ تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي .عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته صوبائي محتسب نسيم ميمڻ تي جنسي حراسان ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کيس عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نسيم ميمڻ کي يونيورسٽي اينڊ بورڊز ڊپارٽمينٽ عهدي تان معطل ڪري ڇڏيو هو پر نسيم ميمڻ جي معطلي جو نوٽيفڪشن 12 ڊسمبر 2023 تي واپس ورتو ويو هو.درخواستگذارچيو ته چيئرمين انٽر بورڊ نسيم ميمڻ تي جنسي حراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي چڪو آهي تنهن ڪري سندس هو ڪنهن عهدي تي مقرري لائق نه آهي. وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته نسيم ميمڻ کي عهدي تان هٽايو وڃي.