اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شرڪت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ اي پي سي ۾ شريڪ ٿيندي ۽ حڪومت جو موقف ٻڌو ويندو. پي ٽي آءِ باني جيل ۾ اڻ وڻندڙ ورتاءُ تي بک هڙتال جي به ڌمڪي ڏني آهي. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهين دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته پي ٽي آءِ اي پي سي ۾ شرڪت ڪندي ۽ حڪومت جو موقف ٻڌو ويندو. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته عزم استحڪام آپريشن تي اسان جا خدشا موجود آهن، ان آپريشن سان ملڪ ۾ عدم استحڪام وڌندو، نواز شريف، مريم نواز ۽ خواجا آصف جي بيانن جون وڊيوز موجود آهن. خيبرپختونخواهه جي حڪومت کي چوندس ته وڊيوز ڪڍي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا وڃن، ڪنهن به ملڪ ۾ عومي طاقت سان چونڊيل حڪومت ئي ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي سگهي ٿي. هن چيو ته افغانستان سان اسان جي اڍائي هزار ڪلوميٽر جي سرحد آهي، عزم استحڪام آپريشن تي اسان جا خدشا برقرار آهن، آپريشن سان ملڪ ۾ وڌيڪ عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويندو. هوڏانهن پي ٽي آءِ باني جي ذريعن موجب، عمران خان جيل ۾ اڻوڻندڙ ورتاءَ تي بک هڙتال ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ پارٽي قيادت سان مشاورت کانپوءِ پي ٽي آءِ باني بک هڙتال جي تاريخ ڏيندو. ذريعن موجب عمران خان ڪالهه پارٽي اڳواڻن کي سڏايو هو، پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ۽ اڳواڻ جيل ٻاهران ٽن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا پر ان باوجود پي ٽي آءِ اڳواڻن کي عمران خان سان نه ملڻ ڏنو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني ملاقات نه ٿيڻ تي پارٽي اڳواڻن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، عمران خان طرفان پارٽي اڳواڻن کي اندروني اختلاف عوام آڏو آڻڻ کان روڪيو ويو آهي. ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني ٻنهي گروپن کي اختلاف ختم ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن جيل ۾ ملاقات لاءِ طلب ڪيو هو. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ باني عدالت ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف جسٽس پاڪتان قاضي فائز عيسيٰ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو. عمران خان جيل ۾ بک هڙتال جو اعلان ڪندي چيو ته وڪيلن سان مشاورت کانپوءِ بک هڙتال جي حتمي تاريخ جو اعلان ڪندس. هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ منهنجن ڪيسن جي هر بينچ ۾ قاضي فائز عيسيٰ ڪيئن اچي ويندو آهي؟ منهنجي وڪيلن قاضي فائز عيسيٰ جي هر بينچ ۾ موجودگي تي اعتراض ڪيو آهي. هاڻي اسان کي شڪ آهي ته اسان کي انصاف نه ملندو. جسٽس گلزار جي 5 رڪني بينچ به چيو هو ته قاضي فائز عيسيٰ اسان جا ڪيس نٿو ٻڌي سگهي. اسان جي وڪيلن جو خيال آهي ته اسان کي انصاف نه ملندو، ان لاءِ اسان جا ڪيسز ڪنهن ٻئي کي ٻڌڻ گهرجن. آئين جي آرٽيڪل 25 تحت ڪيسز جي ٻڌڻي دوران پسند ۽ ناپسند نه هجڻ گهرجي.