ڪراچي ۾ 10 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ باوجود رات جو بجلي بند

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ طرفان 10 ڪلاڪن جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جي باوجود رات جي وقت به بجلي جي بندش جاري آهي. لياري، ڪياماڙي، ماڙي پور، بلديا ٽائون ۽ اورنگي ٽائون ۾ 10 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. مختلف علائقن ۾ واڌو لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. گذري، الله والا ٽائون، لياقت آباد، ايف بي ايريا، گارڊن، نيو ڪراچي، سرجاني ٽائون، ناظم آباد، گلشن اقبال، گلشن معمار ۾ به بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. ان کان اڳ سنڌ سرڪار بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي رات ڏهين وڳي کان صبح ڇهين وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي پر بجلي بندش معمول بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.