اسلام آباد (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اي ٽي سي اسلام آباد آڏو پيش ٿي ويو، پيشي کانپوءِ عدالت جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه واري ڪيس ۾ علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.علي امين گنڊاپور عدالت کي ٻڌايو ته هو سرڪاري مصروفياتن سبب عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير چيو ته پارٽي ۾ ڪجهه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اختلاف آهن.هن شڪايت ڪئي ته ميڊيا اسان جون سٺيون ڳالهيون نه ڏيکاريندي آهي، ڳاله کي وڌائي بيان ڪيو ويندو آهي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان به ملاقات ڪئي.