غوثپور )رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور مان 8 ڏينهن اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل هندو برادري جا 3 نوجوان نتيش گيهپاڻي، سنجي ڪمار، نتيش ڪمار کي ڪشمور پوليس کي بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهي ھڪ ھفتي کان مغوين جي بازيابي لاٰ هندو واپارين پاران شٽربند ھڙتال جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو. ٻئي طرف ايم اين اي مير شبير علي خان بجاراڻي اغوا ٿيل ٽن ھندو واپارين جي گھر غوثپور پھتو ۽ نوجوانن جي آزادي بابت سهڪار ۽ ڪوششون وٺڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي.