شھيد نصرالله گڏاڻي ڪيس ۾ امان پٺاڻي جي بهادري ۽ سنڌ جي شعور جي ڪاميابي

ھمٿ ڪجي تھ پھاڙن کي لوڏي سگھجي ٿو، انصاف ملڪ ۾ گھڻو مھانگو آھي، پر سنڌ جي حقن لاءِ عملي ۽ حقيقي جدوجھد ڪندڙ ڪردارن کي سنڌ جو عام ماڻھو ڪڏھن بھ نھ وساريندو آھي.شڪستون سماج ۾ مجموعي طور تي مايوسي پکيڙين ٿيون ۽ ڪاميابيون وري اتساھ جو سبب بڻجن ٿيون. اھڙي ئي ھڪ ڪاميابي عوامي آواز ميڊيا گروپ  جي سرگرم صحافي شھيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ، امان پٺاڻي کي بھ ملي آھي.جنھن سان سنڌ جي عوام کي يقينن وڏو اتساھ مليو آھي.

نصرالله گڏاڻي  جي شھادت تي جتي سموري سنڌ ۾ ھڪ مزاحمت سامھون آئي اتي حڪومت جي مٿان وڏو دٻاءَ پڻ پيو، جئين تھ اھو واقعو جنھن علائقي ۾ ٿيو  ان ضلعي ۾ گھڻا ئي سردار آھن، الزام ھيٺ آيل ڌر بھ اتي جي سگھاري سرداري نظام جو حصو آھي، ان ڪري ڪجھه حلقن جو خيال ھو تھ جوابدرن جا ھٿ قانون کان وڏا آھن، پر جيڪڏھن سنڌ جي عوام ۽ باشعور ڌرين جي ساٿ سان جنگ جوٽجي تھ ان جي ڪاميابي يقيني بڻجي ٿي.

ويجھي ماضي ۾ٽنڊي بھاول واري واقعي ۾ پڻ متاثر ٿيل ڌر جي عورتن نڪري ڪري ميدان ملھايو ھو، جنھن بعد ئي کين انصاف پلئھ پيو ھو، اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ حڪومت توڙي سگھارين ڌرين کي لوڏڻ جي لاءِ لڳاتار ۽ مسلسل جدوجھد ڪرڻي پئي ٿي. حق تي ھئڻ سان سنڌ جو عام ماڻھو ۽ باشعور ماڻھو پڻ ساٿ ڏئي ٿو.

عوامي آواز ميڊيا گروپ جي رپورٽر نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس  جي جوابدار ميرپورماٿيلو ميونسپل ڪاميٽي جي چيئرمين شهباز لنڊ کي معطل  ڪيو ويو آھي، شهيد صحافي جي وارثن جي مطالبي تي سنڌ حڪومت اھڙي ڪارراوئي عمل ۾ آندي.

ان سلسلي ۾ خميس واري ڏينھن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ، امان پٺاني ۽ ڀاءُ يعقوب گڏاڻي سان ملاقات ڪئي.جنھن ۾صوبائي گهرو وزير ضياءَ  الحسن لنجار، سيد ناصر حسين شاهه ۽ سعيد غني پڻ موجود هئا.

ڳوٺ کان ڪراچيءَ پھتل امڙپٺاڻي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي صحافين ۽ باشعور حلقن سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ھو.جنھن  دوران سعيد غني وارثن سان ملاقات ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي هئي.

21 مئي 2024 تي صبح جو 11:00 وڳي ڌاري نصرالله گڏاڻي پنهنجي ڳوٺ قبول خان گڏاڻي کان موٽرسائيڪل تي ميرپورماٿيلو وڃي رهيو هو ته مٿس فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو ويو.جنھن بعد پهرين کيس سول اسپتال ميرپورماٿيلي ۾ فوري طبي امداد ڏيڻ بعد ۾ رحيم يار خان اسپتال پهچايو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ِکيس ايئرايمبولينس ذريعي آغا خان اسپتال ڪراچي آندو ويو جتي 24 مئي 2024 تي  ھو موڪلائي ويو.

شهيد نصرالله جي امڙ، امان پٺاڻي عوامي آواز سان ڳالهائيندي  چيو ته اها ڪاميابي سنڌ جي شعور جي ڪاميابي آهي ۽ آئون سنڌ جي سمورن ماڻهن جن جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏنو تن جي مان ٿورائتي آهيان.

اسان سمجھون ٿا تھ شھيد نصرالله گڏاڻي جي حوالي سان ھي پھرين ڪاميابي آھي.توقع ڪجي ٿي تھ سنڌ جو عوام ساڳئي جذبي سان سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ڪردارن جي مالڪي ڪندو ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جنگ جاري رکندو.جرڳائي انصاف قانون جي لتاڙ آھي.سنڌ حڪومت  ان سسٽم کي ھٿي ڏيڻ  بدران عدليھ کي سگھارو ڪري

سنڌ ۾ حڪومت جي نگراني ۾ ٿيل جرڳي بعد اھو ثابت ٿي ويو آھي تھ سنڌ جي مفاد پرست ۽ عوام دشمن سردارن سان سنڌ حڪومت پڻ گڏ بيٺل آھي. اھڙي ريت ھڪ قبيلائي باقيات جي نشاني طور جرڳائي سسٽم کي وڌيڪ سگھارو ڪيو پيووڃي.جنھن ڪري اھو سوال اڀرڻ لازمي آھي تھ جيڪڏھن جرڳائي سسٽم ايترو ئي بھتر آھي. ان سان سستو، تڪڙو ۽ گھر ويٺي قانوني معيار مطابق انصاف ملي رھيو آھي تھ پوءِ سموري عدليھ جي نظام کي ويڙھي ڪري ھڪ طرف رکي ڇڏجي.جنھن ۾ نھ رڳو ڪيس ورھين جا ورھيھ ھلن ٿا،بلڪھ ڪيترن ئي درخواست ڪندڙن جو سندن مرڻ بعد فيصلو ٿئي ٿو، جنھن ۾ بھ انصاف ٿئي ٿو يا الائي نٿو ٿئي.

ھئڻ تھ ائين گھرجي تھ قانون جوڙيندڙ،قانون تي عمل ڪندڙ ۽ قانون جي تشريح ڪندڙن کي عدليھ جي نظام کي فعال، سگھارو ۽ وسيع ڪرڻ گھرجي پر ان جي ابتڙ ھن نظام جون سگھاريون ڌريون ان تي ڌيان ڏيڻ بدران ماڻھن جي ذھن ۾ اھو خيال ويھاري ٿيون ڇڏين تھ جرڳائي سسٽم ۾ تڪڙو انصاف ٿئي ٿو.

اھڙي ھڪ تڪڙي انصاف موجب ساوند سندراڻي تڪرار جو نبيرو  سردار علي گوهر خان مهر  جي سرپئنچي ۾ ٿيو. ڌرين مٿان 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ پيو، پروفيسر اجمل ساوند ۽ ايڊووڪيٽ نور الاهي سندراڻي جي قتل جو پنجوڻ ڏنڊ هڪ  هڪ ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو.

حڪومت اھڙن جرڳن کي ھٿي ڏئي سنڌ ۾ سردارن کي وڌيڪ سگھارو ڪري رھي آھي.اھو عمل قانون جي ابتڙ آھي.

اسان  عدليھ جي اختيارين کي اھڙي غيرقانوني عمل جي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪريون ٿا.ڇاڪاڻ جو اڄ جي جديد دور ڏانھن وک وڌائڻ جي ڏس ۾ اھو جرڳائي سسٽم وڏي رڪاوٽ آھي،قانون جي معيار جي گھرج پوري نھ ٿيڻ جي ڪري سنڌ ۾ ڏوھ ۽ ڏوھاري وڌي رھيا آھن.ڇاڪاڻ جو سردران جو اھو نظام انصاف ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ آھي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.