سنڌ جو شعور ڳڙڪائيندڙ قبيلائي تڪرار جو نبيرو

تحرير: اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ هلندڙ ساوند ۽ سندراڻي تڪرار جو نبيرو خانڳڙھه جي گوهر پيلس ۾ سردار علي گوهر خان مهر  جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 6 ڪروڙ 36 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. پروفيسر اجمل ساوند ۽ ايڊووڪيٽ نور الاهي سندراڻي جي قتل جو پنجوڻ ڏنڊ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ وڌو ويو. جڏهن ته اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 2 ڪروڙ روپيا ڏنڊ جي فتويٰ جاري ڪئي وئي آهي.

نبيري ۾ ساوند برادري جا سندراڻين مٿان 13 خون ثابت ٿيا، جڏهن ته سندراڻين جا 11 خون ساوندن مٿان ثابت ٿيا، ٽوٽل 24 خونن ۽ ٻنهي ڌرين جي 20 زخمين جو نبيرو ڪيو ويو، ساوند برادري 11 لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا، سندراڻين 20 لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا، بقايا رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، زخمي ڪريم بخش سندراڻي پنهنجو عيوضو 10 لک رپيا ساوند برادري کي بخش ڪري ڇڏي. نبيري بعد سردارعلي گوهر خان مهر، خورشيد احمد شاهه، عابد خان سندراڻي ۽ ٻين پاران دعا گهري وئي،ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته مون چونڊن کان اڳ واعدو ڪيو هو ته چونڊن بعد سڀ کان پهريان قبيلائي تڪرار ختم ڪرائيندس اڄ ساوند ۽ سندراڻي تڪرار جو نبيرو خير سان ٿي ويو، ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون آهي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته سنڌ مان وڌيڪ قبيلائي تڪرار به ختم ڪرايا وڃن.هن نبيري ۾ خورشيد احمد شاهه ۽ عابد خان سندراڻي، ڊاڪٽر علي نواز ساوند،  ڊاڪٽرمحمد طارق ساوند، محمد خان جوڻيجو، غوث بخش خان مهر، سردار جلال خان ڪلپر بگٽي، سردار محبوب علي خان بجاراڻي، مير شبير علي خان بجاراڻي، اصغر خان چاچڙ، رئيس عبدالسبحان ساوند، سردار سڪندر خان ڪاڪيپوٽو، رئيس منظور احمد ساوند، مير احسان خان سندراڻي، ميرشفقت خان سندراڻي، محمد ساجن ساوند، ديدار ساوند، نثار احمد ساوند، محمد سليم ساوند، ستارڏنو خان سندراڻي، عبدالخالق ساوند، محمد سليم ساوند، عبدالحئي ساوند، حمزهه خان سندراڻي، سميت ساوند ۽ سندراڻي برادرين جي ۽ ٻين قبيلن جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

فيصلي ۾ اڳرائي ڪندڙ ڌر مٿان 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ جي فتويٰ پڻ جاري ڪئي آهي، نبيري دوران پوليس پاران حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا هئا، 3 ڊي ايس پي 12 ايس ايڇ اوز ۽ 150 سئو پوليس اهلڪار سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا.

اهو نبيرو سنڌ جي سلامتيءَ  لاءِ بيحد ضروري هو ڇوته قبيلائي تڪرارن سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، جيئن جهالت واري دور ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين تي وڏا جهيڙا ٿيندا هئا ۽ اڳتي هلي جنگين ۾ تبديل ٿيندا هئا ۽ ڪيترائي نسل تباهه ٿيندا هئا.

سنڌ ۾ قبيلائي تڪرارن جي تاريخ پراڻي آهي،خاص ڪري سنڌ جي اترئين علائقن ۾ انھن خونريز جھيڙن جي شدت وڌيڪ رھي آھي.جنهن ۾ سوين بيگناهه ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا آهن.انھيءَ تباھه ڪُن جھيڙن جي نتيجي ۾ ڪيئي ماڻھو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا.لکين ايڪڙ زمينون غيرآباد ٿيون، تعليم جي تباهي ٿي.

انھن خوفناڪ تڪرارن جي نبيري لاءِ سرڪاري سطح تي جرگا به ٿيا.جيئن ته اسان وٽ سرداري نظام جون پاڙون مضبوط آهن،جنهن ڪري سرڪار توڙي عدالتون ڪو قدم کڻڻ کان قاصر آهن، سرداري ۽ ڀوتارڪي سوچ عوام مٿان غلبو ڪيو بيٺي آهي، تعليم يافته ماڻهو به ان نظام سان مهاڏو اٽڪائيندي شڪست کائي وڃن ٿا جنهن جو مثال پروفيسر اجمل ساوند به آهي، هر باشعور ماڻهو سالن کان رائج سرداري نظام جي خاتمي لاءِ جدوجهد ۾ ضرور آهي ۽ تعليم جي ڪري ڪافي تبديلي به آئي آهي، پر ان جي باوجود  به انھيءَ ظالم نظام جو خاتمو نه اچي سگهيو آهي.

جيڪڏهن ٻن فردن جي جھيڙي کي قبيلائي تڪرار ۾ تبديل ڪبو ته نقصان سموري علائقي جو ٿيندو ۽ سڪون تباهه ٿي ويندو،  انھيءَ ڪري وقت جي اھم ضرورت اها آهي ته خوني تڪرارن جي تباهه ڪن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ انقلابي قدمن کڻجن.

ان سان گڏوگڏ تعليم کي عام ڪرڻ لاءِ پڻ انهن جو مثبت ڪردار هجڻ گهرجي، جڏهن تعليم عام ٿيندي ته خود وڏيرو ۽ سردار به تعليم يافته هوندو ۽ خوني جهيڙن کان پاسو ڪندو ڇوته تعليم يافته ماڻهو امن ۽ سلامتي چاهيندو آهي، هو ڪڏهن به ٻن فردن جي جھيڙي کي سڄي قبيلي يا پاڙي  تائين نه پکيڙيندو.پر جيڪڏهن ٻن فردن يا ٻن گهرن ۾ تفرقو ٿئي ٿو ته اهو پڙهيل لکيل سردار ٻنهي ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو. جھيڙن کان بچڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو تعليم، روزگار ۽ خوشحالي آھن ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ممڪن آهي جڏهن علائقي ۾ پرسڪون ماحول ۽ اتحاد جي فضا قائم ٿيندي. ڇوته موجوده وقت ۾ سنڌ کي قبيلائي تڪرار، ڌاڙيل ڪلچر، ڀوتارڪو نظام، لاقانونيت، ناانصافي ۽ بدانتظامي اڏوهي جيان کائي رهيا آهن، سنڌ ڌرتي جيڪا امن ۽ سلامتي جي ڌرتي هئي اها مقتل گاه ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي، هرروز ڪٿي نه ڪٿي خون جي هولي هلي پئي، ڪٿي ڪو ڳڀرو جوان رات جي رهزنن هٿان شهيد ٿئي ٿو ته ڪٿي وري قبيلائي تڪرارن جي آڙ ۾  بي گناهه انسانن جو  رت پيو وهي ۽ سنڌ جي شعور جو قتل پيو ٿئي. ان لاءِ لازمي آهي ته اهڙي نظام لاءِ جاکوڙ ڪريون جنهن ۾ هر ڪوئي پنهنجي زندگي پرسڪون گذاري سگهي.

نبيري ۾ ساوند برادري جا سندراڻين مٿان 13 خون ثابت ٿيا، جڏهن ته سندراڻين جا 11 خون ساوندن مٿان ثابت ٿيا، ٽوٽل 24 خونن ۽ ٻنهي ڌرين جي 20 زخمين جو نبيرو ڪيو ويو، ساوند برادري 11 لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا، سندراڻين 20 لک روپيا موقعي تي ادا ڪيا، بقايا رقم چئن قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، زخمي ڪريم بخش سندراڻي پنهنجو عيوضو 10 لک رپيا ساوند برادري کي بخش ڪري ڇڏي. نبيري بعد سردارعلي گوهر خان مهر، خورشيد احمد شاهه، عابد خان سندراڻي ۽ ٻين پاران دعا گهري وئي،ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار علي گوهر خان مهر چيو ته مون چونڊن کان اڳ واعدو ڪيو هو ته چونڊن بعد سڀ کان پهريان قبيلائي تڪرار ختم ڪرائيندس اڄ ساوند ۽ سندراڻي تڪرار جو نبيرو خير سان ٿي ويو، ڌريون پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويون آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.