14 سالن بعد ليبر پارٽي برطانيا ۾ حڪومت ٺاھيندي

برطانيا ۾ عام چونڊن جي نتيجن موجب ليبر پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، جنهن کانپوءِ سر ڪيئر اسٽامر ملڪ جو ايندڙ وزيراعظم بڻجي رھيو آھي.برطانيا جي عام چونڊن ۾ ليبر پارٽي سرڪاري طور تي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهي.سينٽرل لنڊن ۾ ڳالهائيندي،

ملڪ جي ايندڙ وزيراعظم، ڪيئر اسٽامر، چيو ته "تبديلي جي شروعات ٿي رھي آهي.”سر اسٽامر جي خطاب دوران، هن چيو ته، مون کي تمام سٺو محسوس ڪيو .ان کان اڳ، پنهنجي حلقي ۾ فتح کان پوءِ تقرير ڪندي ڪيئر اسٽامر چيو ته  اسان جي لاءِ  ڪارڪردگيءَ ڏيکارڻ جو وقت اچي ويو آھي.

ٻئي طرف برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ عام چونڊن ۾ شڪست قبول ڪري ورتي آهي.صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ليبر پارٽي عام چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، مون سر ڪيئر اسٽامر کي فون ڪري کيس مبارڪباد ڏني آهي.

هن وقت تائين ليبر پارٽي 650 مان 412 سيٽون حاصل ڪيون آهن، جڏهن ته ڪنزرويٽو پارٽي صرف 121 سيٽون حاصل ڪري سگهي آهي، جيڪا تاريخي طور تي عام چونڊن ۾ سندن بدترين شڪست آهي.اسڪاٽش نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسٽيفن فلن چونڊن جي نتيجن تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته سندس پارٽي ’طوفاني سونامي‘ ۾ ٻڏي وئي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن سندس ساٿين ‘اسڪاٽ لينڊ ۾ پنهنجون سيٽون وڃائي ويٺا آھن.جڏهن ته، اسٽيفن فلن  پنهنجي سيٽ کٽڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.بي بي سي اڳ ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي ته ليبر پارٽي ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ 160 کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي ۽ ڪنزرويٽو پارٽي عام چونڊن ۾ 154 سيٽون کٽي سگهي ٿي.

ياد رهي ته گذريل پنجن عام چونڊن دوران ايگزٽ پول گهڻو ڪري درست ثابت ٿيا آهن.ٻئي طرف لبرل ڊيموڪريٽس جي 56 ميمبرن سان ٽئين نمبر تي اچڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي. اسڪاٽش نيشنل پارٽي کي 10 ايم پي ايز ملڻ، جڏهن ته ريفارم برطانيا پارٽي کي 13 سيٽون حاصل ڪرڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي ھئي.

2019 ۾، بورس جانسن جي اڳواڻي ۾ ڪنزرويٽو پارٽي کي 80 سيٽن جي سرسي ھئي. ليبر پارٽي جو وزيراعظم 2010ع کان پوءِ پهريون ڀيرو چونڊجي اچي رھيو آهي ته ٻئي طرف ڪنزرويٽو پارٽي کي پنهنجي مستقبل جو رخ طئي ڪرڻو پوندو. لڳي ٿو ته رشي سونڪ کي پارٽي جي عهدي تان هٽڻو پوندو.رابرٽ بڪلينڊ پهريون ڪنزرويٽو ايم پي هو جنهن تازي چونڊ نتيجن ۾ پنهنجي سيٽ وڃائي ڇڏي.

ياد رھي تھ برطانيا ۾ پھريون ڀيرو ووٽ وجھڻ جي لاءِ سڃاڻپ ظاھر ڪرڻ لازمي قرار ڏنو ويو ھو.مسئلن ۾ ڦاٿل  عوام کي اميد آهي ته ايندڙ حڪومت انهن جي مسئلن جو تڪڙو ۽ مستقل حل ڳوليندي.

ياد رهي ته برطانيا ۾ ڪنزرويٽو پارٽي جي حڪومت جو مدو قانوني طور جنوري 2025 تائين هو پر 22 مئي تي برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ ملڪ ۾ جلد چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.برطانيا ۾ ڪنزرويٽو پارٽي  مسلسل 14 سالن کان حڪومت ڪري رهي ھئي.جڏهن ته ليبر پارٽي 14 سالن کانپوءِ ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ لاءِ زور لڳائي رهي هئي.اليڪشن بعد پارليامينٽ جو پھريون اجلاس 9 جولاءِ تي ٿيندو.جنھن ۾ چونڊيل ميمبر قدم کڻندا ۽ اسپيڪر چونڊيو ويندو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.