ميرپورماٿيلو(رپورٽر) عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي مک قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي ۾ ڌرڻي بعد واپسي دوران امڙ پٺاڻي جي قافلي جي وک وک تي آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ نوجوانن امان پٺاڻي جي قافلي واري بس مٿان گلن جي ورکا ڪندي شهيد جي امڙ،پٽن ۽ ڌيئرن کي اجرڪون اوڍائي قاتلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ڪنڊيارو ۾ نوجوانن قافلي جي ڀرپور آجيان ڪندي ريلي جي صورت ۾ امان پٺاڻي جي قافلي کي پنهنجي سفر ڏانهن روانو ڪيو.
سکر ۾ به نوجوان توڙي سول سوسائٽي جا اڳواڻ پنجن ڪلاڪن تائين امڙ جي قافلي جي انتظار ۾ بيٺل رهيا، ميرپورماٿيلو ۾ ريلي جي صورت ۾ امان پٺاڻي جي قافلي کي گهر تائين پهچايو ويو.
سڄي سنڌ ۾ زبردست آجيان تي امان پٺاڻي گڏاڻي چيو ته نصر الله گڏاڻي جي شهادت جي پهرين ڏينهن کان ئي سنڌ واسين زبردست پيار ڏنو آهي، ڌرتي ڌڻين جي ٿورائتي آهيان.
AwamiAwaz JusticeForNasrullahGadani Sindh