ٽيسٽ پاس استادن سان انصاف وارو سوال

تحرير: انجنيئر عمران علي شيخ

سنڌ جي تعليم جو سڌارو ڪيئن ممڪن آهي، ڪهڙا وسيلا گهربل آهن ۽ ڪهڙا مسئلا درپيش آهن انهن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ کي قومي فرض سمجهندي پڙهندڙن آڏو ڪجهھ حقيقتون لکجن ٿيون سڀ پهرين ته تعليم جي بهتري اسان کي اهڙا ادارا جوڙائڻ گهرجن جنهن ۾ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي تائين تمام سهولتون ميسر هجن جئين تدريس جو عمل بهتر نموني هلائي سگهجياهڙا ادارا، انسٽيٽيوٽ يا اسڪول اهڙن جاين تي جوڙائڻ گهرجن جتي شاگردن جو جھجھو مقدار انهن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي، اسان وٽ ڏٺو وڃي ته جتي ضرورت آهي اتي بلڊنگس يا وري ڪي تدريسي ادارا آهن ئي ڪون، جتي ضرورت ناهي اتي حد کان وڌيڪ ادارا جوڙيا پيا وڃن

داخلا مان مراد اهي شاگرد جيڪي انهن اسڪولن يا ادارن مان تعليم حاصل ڪندا انهن کي داخل ڪرائڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جديد سائنسي تقاضائن موجب نصاب جي تياري، اسان جي بدنصيبي اها آهي جو اسان وٽ پرائمري کان وٺي يونيورسٽي ليول تائين جيڪو نصاب پڙهايو ٿو وڃي اهو موجوده وقت جي حساب سان پراڻو آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ گهرجي، الميو اهو آهي ته سياسي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ پرائمري ۽ سيڪنڊري نصاب ۾ رڳو سياسي شخصيتن جا حوالا ڏئي نئين نصاب جو لولي پوپ ڏنو ويو آهي

وقت جي حساب سان جيئڻ نصاب ۾ تبديلي ضروري آهي تيئن ئي تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ ان استاد جي به تبديلي ضروري آهي، اڄ جو استاد پنهنجي پيشور صلاحيتن ۾ اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪافي اڳتي آهي ان جو سبب موجوده وقت جي جديد سائنسي ايجاد آهي جنهن جي بنياد تي هو گهر ويٺي به پنهنجي علم ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو

تعليم کاتي جو وزير ڪو رٽائرڊ ايجوڪيشن آفيسر هجي يا گهٽ ۾ گهٽ پي ايڇ ڊي ھولڊر هجي جيئن پنهنجي کاتي کي بهتر نموني هلائي تعليم کاتي ۾ استادن جون ڀرتيون سياسي سفارشن بدران عالمي سطح تي پاڻ مڃائيندڙ ٽيسٽنگ اداري معرفت ڪرڻ اولين ترجيح شامل ھئڻ گھرجي ،تعلقي ليول تي مقرر آفيسر ڪنهن به سياسي شخصيت جي بنگلي جا چوڪيدار نه هجڻ گهرجن

سنڌ جي تعليم جي ڀيٽ دنيا جي سڌريل ملڪن سان ڪجي ته اسان جي يونيورسٽي جي گريجوئيٽ کي اتان جو نرسري جو ٻار تعليمي معيار ۾ ماري ويندو، سنڌ سان اهڙو حشر ڪنهن ڪيو آهي، ويجهي ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسو ته هي سنڌ ۾ بنا ڪنهن وقفي جي لڳاتار چوٿون ڀيرو پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت هلي پئي، ان کان اڳي به سندن حڪومت رهي آهي ماڻهو ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي اچي ته هڪ ڏينهن ۾ واضح فرق ڏيکاري سگهي ٿو پر اسان وٽ ڪا پڇا ڳاڇا ڪانهي جنهن کي جيئن وڻي تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺو آهي

تازو سنڌ هاءِ ڪورٽ پنھنجي آرڊر ۾ لکيو آهي ته سنڌ صوبي ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ لاءِ بند اسڪول کولي اتي 40 مارڪون حاصل ڪندڙ اميدوارن کي مقرر ڪيو وڃي آئون هتي هڪڙي ڳالهھ ڪندو هلان ته آءِ بي اي معرفت استادن واري ورتل ٽيسٽ کي ٽي سال گذري چڪا آهن پر اسان جي سنڌ حڪومت ايترو سنجيده آهي جو اڃا تائين بند پيل اسڪول نٿا کولي سگهن ۽ نه وري ڀرتي جو عمل مڪمل ڪري ٿا سگهن ڪم ظرفن وٽ اقتدار جون واڳون آهن جن اليڪشن کان اڳ ته وڏيون وڏيون ڳالهيون پئي ڪيون هاڻي پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان ملڻ لاءِ تيار نه آهن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي جو سنڌ ۾ قابل استاد پاس ٿي نڪتا آهن جيڪي يقينن سنڌ جي تباهه ٿيل تعليم کي هڪ ڀيرو ٻيهر جياري سگهن ٿا.

مٿي تعليم جي بهتري لاءِ پوائنٽ آئوٽ ڪيل نقطن جي روشني ۾ ڏسجي ته اسان وٽ انتظامي نااهلي جي ڪري ڏينهون ڏينهن تعليم پوئتي وڃي رهي آهي تعلقا ايجوڪيشن آفيسرز ڪٿي ڪٿي اهڙا لڳل آهن جن کي پنهنجي ذميواري جي ڪا خبر ناهي نه وري کين ڊرافٽنگ جو علم آهي خدا ٿو ڄاڻي ته هن مخلوق جي هوندي سنڌ ترقي ڪيئن ڪنديپرائيويٽ سيڪٽر ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ جون ذميواريون نڀائيندڙ نوجوان آئي بي اي ٽيسٽ پاس هجڻ باوجود پرائمري استاد جي نوڪري لاءِ دربدر آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.