سنڌ سرڪار کي پوليس گرديءَ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي

تحرير: جميل چانڊيو

پاڪستان جي آئين ۾ ملڪ جي عوام ۽ ان جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جي سيڪيورٽي ادارن جي ذميداري بڻجي ٿي ته هو ان تي سئو سيڪڙو عملدرآمد ڪرائين، صوبائي پوليس هجي يا وفاقي ادارن جي سيڪيورٽي تي اهو فرض آهي ته هو عام ماڻهن جي حفاظت سان گڏ چادر ۽ چارديواري جي تقدس پائمال ٿيڻ کان بچائين، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هر ڏينهن ڪنهن علائقي، ڪنهن شهر، ڪنهن ڳوٺ، ڪنهن وسندي، ڪنهن واهڻ ۾ اسان جي پوليس سڳوري ڏوهن ۽ ڏوهارين تي ضابطو آڻڻ بدران بيگناهه شهرين کي گولين جو کاڄ بنائين ٿا ۽ اهڙي ظلم بعد حقيقت کان ابتڙ ڪهاڻيون ۽ ڊراما ميڊيا کي پيش ڪن ٿا.

اڳتي هلي ڪري پوليس سڳوري جي ڪرتوتن کي اسان کي انصاف ڏيندڙ عدالتون ۽ ڪورٽون ثابت ٿيون ڪن ته پوليس بيگناهه پرامن شهرين جي رت ۾ سندن هٿ رڱيل آهن، انصاف ملندي ملندي مظلوم ۽ متاثر ڌر کي ورهيه لڳي وڃن ٿا، اهڙي هڪڙي صورتحال ڪراچي جي ضلعي ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس هٿان هڪ بيگناهه سنڌ جي نياڻي جنهن جو تعلق ڪيٽي بندر سان هو جيڪا هڪ معزز گهراڻي ۽ ڪيٽي بندر جي اڳوڻي يوسي چيئرمين يعقوب سمون جي ڀيڻ ۽ سندس ڀاڻيجي ڪراچي جي ڪنهن نجي اسپتال مان علاج ڪرائي ڳوٺ وڃي رهيا هئا تن سان اوچتو هڪ دل ڏاريندڙ واقعو گلشن حديد لڳ ڏينهن ڏٺي جو قومي شاهراهه تي واقعو پيش آيو، واقعي جي شاهدن مطابق اسٽيل ٽائون پوليس ڪنهن مشڪوڪ قسم جي گاڏي پٺيان لڳا پر ڏوهاري هٿ اچڻ بدران ڪيٽي بندر واسي جي الٽو ڪار نمبر BYZ 169 ۾ سوار 2 نياڻيون، هڪ ڊرائيور ۽ سندس مائٽ سوار هو جيڪو فائرنگ جي زد ۾ اچي ويو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي هڪ نياڻي سائره سمون موقعي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس نياڻي غنويٰ ۽ هڪ نوجوان کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو.

هن واقعي جو نوٽيس سنڌ حڪومت جي قانون جي صوبائي وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ورتو آهي پر 24 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود قتل ۽ واقعي جي فرياد داخل نه ٿي سگهي آهي، فريادي ڌر پنهنجي شهيد نياڻي جي تدفين بعد اسٽيل ٽائون پوليس پهچي فرياد داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي اسٽيل ٽائون پوليس ٽال مٽول ڪري واپس ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي واقعي واري هنڌ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته هي واقعو ڏوهارين جي فائرنگ سبب پيش آيو آهي ۽ ان ڪيس جي وڌيڪ تحقيقات ڪري رهيا آهيون، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته شهيد نياڻي سائره سمون جي ڀاءُ جيڪو حڪمران ڌر سان تعلق رکي ٿو ۽ اڳوڻو يوسي چيئرمين آهي تنهن مطابق ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ۾ منهنجي ڀيڻ کي لڳل گولي سرڪاري رائيفل يا هٿيار مان نڪتل آهي. هوڏانهن سمون برادري ۽ ٺٽي ضلعي جي سياسي، سماجي ۽ وڪيل برادري قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو عزم ڪيو آهي، اسٽيل ٽائون پوليس جي فرياد داخل ٿيڻ تي ملير بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ اشرف سمون ”عوامي آواز“ سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس گردي سبب اڄ اسان جون نياڻيون محفوظ نه آهن پرامن شهرين مٿان ڏينهن ڏٺي جو سڌيون گوليون هلائڻ ڪٿان جو انصاف آهي، هن چيو ته اسين پوليس گردي ۽ قاتل اسٽيل ٽائون پوليس خلاف هاءِ عدالت ڪو در کڙڪائينداسين جتان اسان کي انصاف جي اميد نظر اچي ٿي، سنڌ حڪومت جي سرپرستي ۾ هلندڙ پوليس جي بدمعاشي ۽ قاتلن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي جنهن کي ڪنهن به قيمت ۾ برداشت نٿو ڪري سگهجي.

هاڻي هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر ڏينهن ڏٺي جو اسٽيل ٽائون پوليس ۽ ڏوهارين جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نه ته ڪو ڏوهاري گرفتار ٿيو ۽ نه ئي وري ڪا واقعي ۾ شامل پوليس واري کي يا پوليس موبائل کي گولي لڳي، هن واقعي جو سنڌ جا حڪمران نوٽيس وٺي عدالت جاچ ڪرائين ته جيئن سنڌ جي شهيد نياڻي سائره سمون جا قاتل نروار ٿين ۽ ان جي وارثن کي انصاف ملي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.