عوامي طاقت سان ئي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو

تحرير: علي محمد ميمڻ

ملڪ جي پنهنجي بقا، سلامتي ۽ ملڪ جي عوام ۽ قومن جي جياپي وارا سوال تمام گهڻو ڳڻتي واري صورت اختيار ڪري ويا آهن ۽ حڪومت نه صرف پنهنجو پاڻ کي بيوس قرار ڏيئي عالمي مالياتي اداري جي رحم ۽ ڪرم تي هجڻ  وارو افسوسناڪ ۽ غير ذميوارڻو اعلان  ڇڏيو آهي. نئين بجيٽ ۾ 2200 شين تي واڌو ڪسٽمز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي آهي.

وفاقي حڪومت جي ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان، آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پئڪيج يعني ڇهه ارب ڊالرن جا قرض حاصل ڪرڻ لاءِ سمورا شرط پورا ڪري چڪو آهيملڪ جي اهڙي قسم جي ڳڻتي واري صورتحال ته 1970ع واري جنگ ٿيڻ ۽ ملڪ جي ورهائجڻ ۽ اوڀر پاڪستان جي بنگلا ديش بڻجي وڃڻ  واري وقت کان به وڌيڪ خراب نطر اچي رهي آهي ۽ ملڪ جي جمهوري ۽ وفاقي سرشتي جو هلڻ ۽ ڪجهه سالن ۾ معاشي ۽ سياسي گهوٽالي مان نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو پڻ نظر نٿو اچي هن قسم جي صورتحال ۾ آخرڪار ملڪ ۽ وفاق ۾ شامل قومن جي جياپي ۽ مستقبل بابت بيشمار سوال اٿي کڙا ٿيڻ قدرتي ڳالهه آهي ڇاڪاڻ جو ملڪ جو 25 ڪروڙ عوام جو جياپو آخرڪار ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو؟

ملڪ  جي هن قسم جي هنگامي حالت ۽ ڳڻتي واري صورتحال ۾ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو تمام گهڻو ياد اچي ٿو جنهن هڪ شڪست کاڌل ملڪ ۽ مايوس قوم ۾ نه صرف جياپي ۽ بهتر ۽ ترقي يافتا ملڪ بڻجن واري پنهنجي سياسي فلسفي تي تيزي سان عمل ڪري ڏيکاريو ۽ عوام ۾ نئون روح ۽ حوصلو پيدا ڪيو پر ملڪ جي معاشي نظام ۾ وسيلن ۽ ملڪيتن جا مالڪ ڪجهه سئو سردار، جاگيردار، رئيس  ۽ واپاري خاندان ۽ گهراڻا هجڻ بجاءِ زرعي سڌارا ڪرڻ ذريعي زمينون لکين هارين ۾ ورهائڻ ۽ صنعتن ۽ قومي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي ملڪ کي معاشي بليڪ ميلنگ ۽ سرداري ۽ وڏيرڪي نظام مان نجات ڏيارڻ واري اهڙا ته انقلابي قدم کنيا جنهن سان ملڪ جو جلد پنهنجي پيرن تي     بيهڻ يقيني نظر اچڻ لڳو ۽ ملڪ کي دنيا جي عالمي مالياتي ادارن جي بدنام قرضن ۽ غلامي مان نجات ڏيارڻ وارا جيڪي فيصلا ڪيا ويا ۽ ملڪ کي ترقي ڪندڙ ملڪن جي  وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي عوامي دور حڪومت ۾  ملڪ  مان جاگيرداري جو خاتمو ڪري  زرعي سڌارا ڪيا ويا  ۽ لکين ايڪڙ زرعي زمينون هارين ۾ ورهايون ويون.

سرداري نظام ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي جا قانون منظور ڪري ملڪ جي عوام جي زندگين کي محفوظ ڪيو ويو ۽ عوام ۾ آزادي ۽ سجاڳي کي عام ڪيو ويو ۽ عوام کي ئي طاقت جو سرچشمو تسليم ڪيو ويو. پر ان بعد هن ملڪ ۾ عوام جي جمهوري دور ۽ عوام دشمن قوتن طرفان گڏجي قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت خلاف مذهبي جماعتن جي ڳٺ جوڙ” پاڪستان قومي اتحاد “ ذريعي تحريڪون هلايون ويون ۽ ان سموري ساز باز جي سازش ڪار جنرل ضيا 5 جولاءِ 1977ع تي ملڪ جو آئين معطل ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ ملڪ جي پهرين چونڊيل حڪومت جو خاتمو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو.

قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي بعد جنرل ضيا جي آمراڻي دور ۾ انهن زرعي سڌارن تي عملدرآمد کي روڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ زرعي سڌارن کي خلاف وفاقي شريعت ڪورٽ ۾ ڪيس اٿاريو ويو ۽ اڳتي هلي وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن کي غير شرعي ۽ خلاف اسلام قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو ويو. جنهن جي نتيجي ۾ زرعي سڌارن بابت هلندڙ ڪم عملي طور تي رڪجي ويو ۽ ملڪ ۾ وري جاگيرداري نظام کي بحال ڪرڻ وارو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. وفاقي شريعت ڪورٽ طرفان زرعي سڌارن  خلاف ڏنل فيصلي خلاف ملڪ جي ترقي پسند ڌرين طرفان  بئريسٽر عابد حسين منٽو  طرفان سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ درخواست داخل آهي جيڪا اڄ ڏينهن تائين ٻڌڻي جي انتظار ۾ آهي.

دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ جاگيرداري ۽ قبضا مافيا کي ايتري آزادي، ڇوٽ ۽ طاقت جيتري اسان جي ملڪ ۾ مليل آهي اهڙي هاڃيڪار ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ نه آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ هندستان جي انگريزن کان آزادي بعد سڀ کان پهرين  زرعي سڌارن ۽ قومي اثاثن کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ وارو سلسلو فوري طور تي رائج ڪيو ويو هو . هندستان ۾  ڪڏهن به مارشل لا  يا ڪا آمريت نه رهي آهي پر اتي عام چونڊن ذريعي لڳاتار عوامي ۽ جمهوري  حڪومتون  قائم ٿي رهيون آهن.

جنهن جي نتيجي ۾ هڪ بدحال ۽ سوا ارب آبادي وارو اهو غربت جو شڪار ملڪ هن وقت دنيا جي پنجين وڏي معشيت ۽ دنيا ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ شمار آهي پر اسان جي ملڪ ۾ لڳاتار آمرن هٿان عوامي حڪومتن جو خاتمو ڪرڻ  ۽ زرعي سڌارن ۽ عوام جي دولت ۽ خزانن تي  ٿورڙن خاندانن جو قبضو هئڻ ڪري ملڪ هر شعبي ۾ وڏين  تباهين جو شڪار ٿي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ دنيا جهان جو قرضي ۽ بيشمار بحرانن ۽ گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ ڪري پنهنجي بقا ۽ سلامتي ۽ ملڪ جي 25 ڪروڙ عوام جي جياپي واري خوفناڪ صورتحال جي ٻه واٽي تي وڃي بيٺو آهي.

ملڪ ۾ هن وقت جاگيردارن طرفان وسيلن تي قابض ٿيڻ بعد سموري ملڪ ۾ سماجي ڏوهه تمام گهڻو وڌي ويا آهن ۽ زرعي شعبو پڻ تمام گهڻي نقصان جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن ڪري ملڪ پنهنجي خوراڪ ۽ زراعت ۾ پڻ پاڻڀرو نه رهيو آهي، حالت اها آهي ته ڪڻڪ ۽ خوراڪ ۾ خودڪفيل ملڪ هن وقت پنهنجي کاڌي خوراڪ جي فصلن ۽ پيداوار ۾ پڻ ناڪام ٿي ويو آهي ۽ زرعي پيداوار ڪڻڪ، چانور، ڀاڄيون، بصر، پٽاٽا، ٽماٽا پڻ  مهانگن اگهن ۾ ٻاهرين دنيا کان خريد ڪري رهيو آهي جنهن سان ملڪ جو پرڏيهي مٽا سٽا وارو ناڻو خرچ ڪرڻ کان علاوه پنهنجي ملڪ ۾ پڻ مهنگائي پيداوار گهرائڻ ڪري  مهانگائي جو هڪ طوفان گهرائي  وڪرو ملڪ سخت معاشي گهوٽالن جو شڪار ٿي ويو آهي.

اسانجو ملڪ پاڪستان، دنيا جي 20 بهترين زرعي ملڪن ۽ قدرتي دولت ۽ معدنيات جي خزانن سان مالامال وطن، هن وقت پنهنجي دور جي سخت معاشي ۽ سياسي بحرانن جو شڪار ٿي ويو آهي ۽ ملڪ جي حڪومتن عالمي مالياتي ادارن آڏو وڃي پنهنجا گوڏا کوڙيا آهن ۽ قومي اثاثا ۽ قومن جي خودمختياري کي پڻ گروي رکڻ وارو جيڪو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي اهو آخرڪار ملڪ کي هڪ وڏي معاشي تباهي ۽ عالمي مالياتي ادارن ۽ عالمي طاقتن جي غلامي جو شڪار ڪرڻ وڃي رهيو آهي. ملڪ کي هن وقت قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جهڙي قيادت ۽ ليڊرشپ جي تمام گهڻي ضرورت محسوس ٿي رهي اهي جيڪا ملڪ کي هن بيوسي ۽ تباهي بربادي واري حالت مان ٻاهر ڪڍي سگهي، مايوس قوم ۾ وري وري اميدون جاڳائي ۽ منتشر ۽ ڇڙوڇڙ عوام کي وري ملڪ جي وڏي عوامي طاقت ۽ دنيا ۾ سرخرو ٿي هلڻ جي قابل بڻائي سگهي. ملڪ جو سڀ ڪجهه نيلام ٿيڻ کان بچائي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.