ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي علائقي سبي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين جو صبر جواب ڏئي ويو، احتجاج ڪندڙن گرڊ اسٽيشن تي ڪاهه ڪري ڏني. سبي ۾ شهرين سخت گرمي ۾ جاري ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، بجلي جي بندش سبب مظاهرين گرڊ اسٽيشن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي.احتجاج ڪندڙن گرڊ اسٽيشن جي ٻاهرئين ڀت کي به ڪيرائي ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته سبي شهر جي ٻهراڙي وارن فيڊرز ۾ 21 ڪلاڪ ۽ شهري فيڊرز ۾ 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ڌرڻي دوران گرمي سبب 5 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو.