حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ ليکڪن، نامياري صحافي اسحاق مڱرئي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌي ميڊيا ۽ ان ۾ اسحاق مڱريو جهڙا صحافي نه هجن ها ته شايد سنڌ دوست سياسي ڪارڪنن لاءِ سياست ڪرڻ مشڪل ٿي پوي ها، صحافت هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهي آهي، صحافت لاءِ سنڌ کي مقتل گاهه بڻايو ويو آهي، صحافي نصرالله گڏاڻي قلم کي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو ته کيس قتل ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ عوامي تحريڪ طرفان نامياري صحافي ۽ ليکڪ اسحاق مڱرئي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل مڃتا ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته اسحاق مڱريو قومي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ بهادر صحافي هو، فطرت جو سچو عاشق هو، سنڌ جي زمينن تي قبضن، ڊجيٽل آدمشماري ۽ ٻين مسئلن خلاف جدوجھدن ۾ اسحاق مڱرئي عوامي تحريڪ جو ڀرپور ساٿ ڏنو، هن سدائين قومي ۽ طبقاتي جدوجهدن ۾ سڏ ۾ سڏ ڏنو. هن چيو ته وڏيرا ۽ سردار سنڌ لاءِ ناسور بڻيل آهن، سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن کي بچائڻ لاءِ سگهاري جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ لاءِ جمهوريت جي نالي ۾ حڪمرانن جي سھولتڪاري سان ون يونٽ کان به وڌيڪ وار ڪيو ويو آھي. سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ قبيلائي سردارن ۽ جاگيردارن کي طاقتور ڪري عوام مٿان سوار ڪيو ويو آھي ۽ انتظاميا سردارن جي ذاتي ملازمن وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته اسحاق مڱريو غريب، مسڪين ۽ پورهيت ماڻھن جو آواز هو, اسين کيس سلام پيش ڪريون ٿا. عوامي ورڪرس پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو چيو ته اسحاق مڱريو هڪ تحقيقي ۽ عوامي صحافي هو, ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ کانپوءِ جيڪڏهن ڪنهن تحقيقي ڪم ڪيو آهي ته اهو اسحاق مڱريو آهي جنهن جي تحقيقي لکڻين کي گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سراج سيال چيو ته اسحاق مڱريو پورهيت دوست صحافي هو, آمريت جو دور هو سياسي تنظيمن جي سرگرمين تي پابندي هئي پر سنڌي صحافت ان وقت به آمريت خلاف ويڙهه ڪري هئي. سينيئر صحافي اقبال ملاح چيو ته اسحاق مڱريو ۽ اسان سياست ڇڏي صحافت جي چونڊ ڪئي ۽ اها صحافت ڪئي جو امڙ جندو سان انصاف ٿيو,،امڙ جندو جي ٻچن جي قاتل ميجر کي ڦاسي تي لٽڪايو ويو آهي. صحافي ظفر هڪڙي چيو ته اسحاق مڱريو تحقيق ڪندڙ ۽ بهادر صحافي هو. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته اسحاق مڱريو هارين جو ترجمان صحافي هو، هن وقت سنڌ کي اسحاق مڱرئي جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي. فهيم نوناري چيو ته اسحاق مڱريو باڪردار صحافي هو. ادريس لغاري چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جو کاهوڙي صحافي هو. اشفاق لغاري چيو ته اسحاق مڱريو نه صرف صحافت ۾ وڏو ماڻهو هو. پر هو عوامي انداز ۾ به وڏو هو، اسحاق مڱريو تحقيقي صحافت ڪئي جيڪا هاڻ ختم ٿي وئي آهي. اسحاق مڱريو جي نياڻي شائستا مڱريو چيو ته پيءُ بهترين انسان هو، بابا اسان کي سٺي تعليم ڏني، اسان اهي پهريون ڳوٺ جون ڇوڪريون هيوسين جيڪي يونيورسٽي تائين پڙهيون، فهميده جروار چيو ته اسحاق مڱريو عورتن جي حقن لاءِ عملي ڪم ڪيو، هو اسان نياڻين لاءِ ڇپر ڇانو هو. ڏاڏا قادر رانٽو چيو ته اسحاق مڱريو جي صحافت جو سفر شاندار رهيو هن ان ماڻهن تي لکيو ۽ اسٽوريون ڪيون جنهن تي ڪير نه لکندو هو،صحافي نعمت کهڙي چيو ته اسحاق مڱريو جهڙن ڪردارن کي مڃتا ملڻ گهرجي، اسحاق مڱريو جهڙا ماڻهو اسان جي سماج ۾ گهٽ پيدا ٿيندا آهن، ان موقعي تي دستگير ڀٽي چيو ته اسحاق مڱريو سنڌ جو بيباڪ صحافي هو. عوامي تحريڪ طرفان نامياري صحافي اسحاق مڱرئي جي ياد ۾ ڪوٺايل مڃتا ميڙاڪي ۾ قراردادون پاس ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي ۽ جان محمد مهر سميت ٻين شهيد صحافين جي قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن، غير قانون جرڳن تي عدالتون ڪيترائي ڀيرا فيصلا ڏئي چڪيون آهن، انهن فيصلن تي عمل ڪندي جرڳا ڪرائيندڙ سردارن، سرپئنچن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ارسا ترميمي ايڪٽ کي رد ڪري، سنڌ کي پنهنجي جائز حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم، ڪنيال ۽ ڪٽ سنڌ کي ويران ڪرڻ جي سازش آهن. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي لکين زمينن تي قبضا سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن ڪرڻ جي سازش آهي. سنڌ جون زمينون عالمي ڪمپينن جي حوالي ڪرڻ بدران مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. گورک، ڪينجهر، هاليجي، ڪارونجهر سميت سنڌ جي سمورن تاريخي سياحتي ماڳن ۽ مڪانن کي سگهارن ادارن توڙي پرڏيهي سرمائيدارن کي الاٽ ڪرڻ تي پابندي مڙهڻ لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي. اسٽيل مل جي سموري زمين سنڌ جي ملڪيت آهي، وفاق سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪري. اسٽيل مل کي صوبائي حڪومت وسيلي فعال بڻايو وڃي. پريا ڪماري سميت سڀني مغوين کي ڌاڙيلن کان آزاد ڪرايو وڃي.