ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪياماڙي ضلعي ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي کي 6 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، ان الاٽمينٽ خلاف اسان ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، هن زمين تان بي دخل ٿيلن سان گڏجي 10 جولاءِ کان احتجاجي تحريڪ هلائينداسين ،عدليه مان وڏيون اميدون آهن، اميد آهي ته هزارين بي يارو مددگار ماڻهن کي انصاف ملندو، هن چيو ته سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته ان علائقي واسين کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو. سيد زين شاهه چيو ته نگران حڪومت آئيني اختيار اورانگهي قانون جي ابتڙ ڪم ۽ ڪارروائيون شروع ڪيون ،ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته هوءَ ان معاملي کي چونڊيل حڪومت جي قيام تائين ملتوي ڪيو وڃي ها، نگران وڏي وزير ان ڪم کي انتهائي ضروري قرار ڏئي شروع ڪيو، هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اها زمين الاٽ ڪئي ته هن علائقي مان 45 کان وڌيڪ قديم ڳوٺ ۽ رهواسي بي دخل ٿي ويندا. هن چيو ته سنڌ ۾ هزارين ايڪڙ زمين شهيدن جي نالي تي کسي وئي آهي، شهيدن جو احترام ڪريون ٿا، شهيدن کي سندن اباڻي علائقن ۾ دفنائڻ ۽ انهن کي اُتي ئي زمين ڏيڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.