ڪراچي (م ڊ) پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سڏ تي ايڊوانس ٽرن اوور ٽيڪس خلاف سڄي ملڪ ۾ 13 هزار پيٽرول پمپ اڄ بند رهندا، جنهن لاءِ بينر پڻ لڳايا ويا. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته هڙتال ٻڙي ڏهائي 5 سيڪڙو ايڊوانس ٽرن اوور ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف ڪئي پئي وڃي جنهن لاءِ اربع ڏينهن حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيون هيون. پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالسميع خان چيو ته 5 جولاءِ (اڄ) جمعي تي اسان جي هڙتال جو پيغام واضح آهي، ان ڪري سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ صبح 6 وڳي کان بند رهندا. هن واضح ڪيو آهي ته هڙتال جو مدو هڪ ڏينهن کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. عبدالسميع خان چيو ته جيستائين حڪومت ايڊوانس ٽرن اوور ٽيڪس واپس نه وٺندي تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون.