ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين جو اولڊ ٽرمينل تي استقبال ڪيو. بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين جو گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، آءِ جي غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين به استقبال ڪيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان جي صدر آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران سيدنا مفضل سيف الدين کي گلن جو گلدستا پيش ڪيو. ان موقعي تي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سيدنا مفضل سيف الدين صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي دعوت تي آيو آهي، هن چيو ته سيدنا مفضل سيف الدين جي سنڌ آمد اسان لاءِ اعزاز آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ امن جو گُهرو آهي ۽ هتي هر مڪتب فڪر جا ماڻهو پيار ۽ ڀائيچاري سان رهن ٿا.