ملير پوليس پاران لاپرواهي جي انتها، ڪار مٿان فائرنگ، عورت قتل، ڌيءُ زخمي

ملير/ڳاڙهو/ڪيٽي بندر (نمائندن وٽان)گلشن حديد لڳ مين قومي شاهراهه تي اسٽيل ٽائون پوليس جي اهلڪارن پاران ڪار نمبر BYZ 169 کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪار پيڇو ڪندي قومي شاهراهه تي

ڪار مٿان 8 کان وڌيڪ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ اڳوڻي چيئرمين يعقوب سمون جي ڀيڻ سائره سمون موقعي تي مارجي وئي، جڏهن ته سندس ڀاڻيجي صغران زخمي ٿي پئي، جنهن کي جناح اسپتال پڻ منتقل ڪيو ويو، واقعي جي خبر ٻڌڻ بعد ٺٽي سان تعلق رکندڙ صوبائي وزير رياض شاهه اسپتال پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا ۽ زخمي جي عيادت ڪئي، صوبائي وزير رياض شاهه گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ۽ جيل خاناجات جي صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري سان رابطو ڪيو، جنهن تي صوبائي گهرو وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ جو پڻ حڪم ڏنو. هوڏانهن ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري معلومات پڻ ورتي. ان موقعي تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ايس ايس پي ملير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڦورن ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن سبب ڪار سوار واٽهڙو ڦورن جي فائرنگ جي زد ۾ آيا، نتيجي ۾ هڪ عورت مارجي وئي ۽ نوجوان ناري زخمي ٿي پئي، جڏهن ته پوليس جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو پڻ زخمي ٿيو جنهن کي سندس ساٿي کڻي فرار ٿي ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي ملير چيو ته علائقي ۾ ناڪابندي ڪري چيڪنگ جو عمل سخت ڪيو وڃي ۽ فوري طور تي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن. هوڏانهن متاثرين جي وارث يعقوب سمون واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي پاسي سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ۽ اڳوڻي ملير بار ايسوسيئيشن جي صدر اشرف سمون هن واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ۽ قاتل پوليس وارن خلاف آئون عدالت ذريعي ايف آءِ آر ڪرائڻ جو اعلان ڪيان ٿو، هن چيو ته اسان جون نياڻيون به اڄ غير محفوظ آهن جيڪي آئي ڏينهن راهه ويندي ماريون وڃن ٿيون، هن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي سبب پوليس گردي عوام مٿان مسلط ڪئي وئي آهي. وارثن الطاف سمون ۽ ٻين ٻڌايو ته والده جي طبعيت ناساز هئي جنهن جي ڪري اُهي ڪيٽي بندر مان گلشن حديد جي اسپتال مان علاج ڪرائڻ آيا هئا واپسي تي جيئن ئي گاڏي نيشنل هاءِ وي تي پهتي تي پوليس انڌي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ منهنجي والده ٿڏي تي ئي قتل ٿي وئي آهي ۽ ڀيڻ سخت زخمي ٿي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي هن چيو ته پوليس لاپرواهي جي انتها ڪري اسان جو وسندڙ گهر اُجاڙي ڇڏيو آهي فائرنگ ڪندڙ اهلڪارن ۽ حد جي ايس ايڇ او کي فوري طور گرفتار ڪري جوڳي سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف اسٽيل ٽائون پوليس جو موقف آهي ته اسان کي اطلاع هو ته اڇي ڪلر جي گاڏي ۾ ڦورو آهن تنهنڪري اسان فائرنگ ڪئي.جڏھن تي صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي جناح اسپتال ڪراچي پھچي وارثن خاطري ڪرائي توهان سان ھر صورت ۾ انصاف ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.