عدت نڪاح ڪيس: خاور مانيڪا جو اپيلن تي فيصلي لاءِ وقت جي پابندي خلاف عدالت سان رابطو

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي خاتون اول بشريٰ بي بي جي  اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا عدت نڪاح ڪيس ۾ اپيلن تي فيصلي لاءِ هڪ مهيني جي وقت جي پابندي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. خاور مانيڪا موقف اختيار ڪيو ته ظاهري طور تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ مهيني ۾ فيصلو ڏيڻ وارن حڪمن سان سيشن عدالت دٻاءَ ۾ لڳي رهي آهي، اپيلن تي فيصلي لاءِ ڏنل وقت جي پابندي جا حڪم واپس ورتا وڃن.

  • ساک متاثر ڪرڻ بابت قانون تي تنقيد جي پرواهه ناهي: مريم نواز

لاهور (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته ساک متاثر ڪرڻ بابت قانون تي تنقيد جي پرواهه ناهي، ڪنهن کي به ثبوت کانسواءِ ساک متاثر ڪرڻ جي اجازت ناهي، ڪوڙو الزام لڳائيندڙ کي سزا ملندي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اڄ جنه وٽ مائيڪ آهي اهو سمجهي ٿو ته کيس آزادي آهي ته ڪنهن جو به پٽڪو لاهي پر کانئس ڪو سوال نه ڪري. ميڊيا جي ڳالهين تي حيراني ٿئي ٿي ته هو چاهين ٿا ته اسان ساک متاثر ڪندا رهون پر ڪو قانون لاڳو نه ٿيڻ گهرجي پر کين اهو چوڻ گهرجي ته اوهان قانون آڻيو، بنا ثبوت جي الزام تي سزا ملڻ گهرجي. وزيراعليٰ پنجاب چيو ته ميڊيا جيڪڏهن ڪنهن تي غلط الزام لڳائي ۽ پڪڙيو نه وڃي ته ائين  نٿو ٿي سگهي، ڪنهن کي به بنا ثبوتن جي الزام تراشي جي اجازت  نٿي ڏئي سگهجي، مون تي جيتري وڻي تنقيد ڪريو، مون کي ڪو فرق نٿو پوي. هن چيو ته ماڻهو هن قانون کي پڙهڻ کانسواءِ تنقيد ڪري رهيا آهن، مثال طور ڪنهن مون تي الزام هنيو آهي، مان عدالت وڃان ٿي اهو چوان ٿي ته الزام جا ثبوت ڏيو، جيڪڏهن الزام ۾ ڪا حقيقت هوندي ته ثبوت ڏيڻ تي سزا ملندي پر ڪنهن بدنيتي سان ڪوڙ ڳالهائي الزام هنيو ۽ مقصد ساک متاثر ڪرڻ هوندو ته ان تي سزا ملندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.