برطانيا ۾ 4 جولاءِ تي ڪيل اعلان موجب چونڊن جو عمل شروع ٿيو.پارليامينٽ جي مدي ختم ٿيڻ کان اڳ ٿيندڙ ھاڻوڪي چونڊن جو اھم پاسو ھي آھي تھ سرويز ۽ ماڻھن جي راءِ بابت مخلتف ادارن جي حاصل ڪيل راين سان اھا ڳالھھ سامھون آئي آھي تھ حڪمران ڪنزرويٽو پارٽي کي شڪست جو خطرو ۽ اپوزيشن ليبر پارٽي جي ڪاميابي جو امڪان آھي. جنھن ڪري سموري دنيا جي ميڊيا تي برطانيا جي چونڊن جي سامھون ايندڙ جائزن تي تبصرا جاري آھن. چونڊن لاءِ انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ، ويلز ۽ اتر آئرلينڊ ۾ ووٽن وجھڻ لاءِ 40 هزار پولنگ اسٽيشنون ٺاھيون ويون آهن.
برطانيا ۾ حڪومت جو سياسي مدو پنج سال آهي ۽ ڪنزرويٽو پارٽي ڊسمبر 2019 ۾ آخري اليڪشن کٽي هئي،ان حساب سان چونڊون جنوري 2025 ۾ ٿيڻيون هيون. برطانيا کي 650 حلقن ۾ ورهايو ويو آهي. انهن حلقن مان ووٽر ھيٺين ايوان يا هائوس آف ڪامنز جي لاءِ ھڪ نمائندو چونڊيندا آهن.اڪثر اميدوار سياسي پارٽين جي نمائندگي ڪن ٿا پر ڪجهه آزاد اميدوار طور بھ ميدان ۾ موجود آهن.
آخري وزيراعظم رشي سونڪ ھو ،سندس ڪنزرويٽو پارٽي 2021 کان مشڪلات ۾ ڦاٿل رهي هئي.
بي بي سي، جي سياسي معاملن جي ماھر ڪرس مين ،موجب حالتن ھٿن مان نڪرڻ سبب وقت کان اڳ چونڊن جو اعلان ڪرڻو پيو.سندس چوڻ آهي. ھن جو خيال آھي تھ ناڻي واڌ جي شرح کي حڪمران ڌر ۽ وزيراعظم ھڪ ڪاميابي طور تي پيش ڪري سگهي ٿو.ان ۾ صرف حڪومتي عملن جو ڪمال نھ آھي.پر مھانگائي جو الزام حڪومت تي ئي لڳندو آهي. ماڻھن جي ورتل راءِ جي جائزن ۾ رشي سونڪ جي ڪنزرويٽو پارٽي ليبر پارٽي کان گهڻو پوئتي نظر اچي رھي آهي.
حقيقت ۾ اها صورتحال گذريل 12 مهينن کان وٺي ساڳي آهي، ليبر پارٽي کي 40 سيڪڙو ماڻھون پسند پيا ڪن.ممڪن آھي اھي جائزا درست ثابت نھ بھ ٿين.پر تاحال ليبر پارٽي کي سرسي حاصل آھي.اھا سرسي ايوان جي سيٽن ۾ منتقل ڪرڻ بھ ڏکيو ھوندو آهي.
ريفارم يوڪي، انتهائي ساڄي ڌر جي جماعت آھي جيڪا اميگريشن مخالف آھي. اھا جماعت ٽيئن نمبر تي آهي پر ان جي حمايت سڄي ملڪ ۾ ھڪ جھڙي آهي ۽ ان جي حمايت کي پڻ پارلياماني سيٽن ۾منتقل ڪرڻ ڏکيو ٿي سگهي ٿو. لبرل ڊيموڪريٽس، اڳ ملڪ جي ٽئين وڏي قوت ھوندي ھئي، ھاڻي رڳو 10 سيڪڙو حمايت رکي ٿي.خاص تڪن تي ڌيان ڏئي ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿي. ڪجهه پناهگيرن کي پناھ لاءِ روانڊا موڪليو ويو ھو.باقي ان پاليسيءَ تي عملدرآمد جو جو وزيراعظم وعدو ڪيو ھو.پر جيڪڏھن ليبر پارٽي ڪامياب ٿي تھ اھا پاليسي جاري نھ رکندي.
ھن وقت ٻن وڏين جماعتن ليبر ۽ ڪنزويٽو وچ ۾ مقابلو آھي.وزير اعظم رشي سونڪ جي عمر 44 سال آھي ۽ ڪنزرويٽو پارٽي جي اڳواڻي ڪري پيو. هو 42 سالن جي عمر ۾ 2022 ۾ وزير اعظم بڻيو ھو.ٿيو، ھن جديد دور ۾ ان عهدي تي فائز ٿيندڙ ھي سڀ کان ننڍي عمر وارو شخص بڻيو ۽ پڻ پهريون هندستان ڄائو برطانوي وزيراعظم بھ آهي. ليبر پارٽي جو اڳواڻ سر ڪيئر اسٽارمر جي عمر 61 سال آهي. هو 2020 ۾ پارٽي جو اڳواڻ چونڊيو ويو، جنھن کان اڳ جيريمي ڪوربن جماعت جواڳواڻ ھو. وزيراعظم ڪنگ چارلس کان پارليامينٽ کي ٽوڙڻ لاءِ چيو ھو،جنھن 30 مئي تي برطانوي هائوس آف ڪامنز کي ٽوڙي ڇڏيو ھو.نتيجي ۾ اسيمبلي ميمبر هاڻي ايوان جا ميمبر نه رهيا آهن ۽ کين ھنن چونڊن ۾ حصي وٺڻ جو موقعو ملي ويو پر انھن مان 100 کان وڌيڪ ميمبرن چونڊن ۾شامل نھ ٿيڻ جو اعلان ڪيو ھو. برطانيا ۾ ڪنزرويٽيو پارٽي اقتدار ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ رھندي پئي اچي.پر ھن ڀيري سندس صورتحال گھڻي بھتر نظر نھ پئي اچي.
برطانيا ۾ 4 جولاءِ تي ڪيل اعلان موجب چونڊن جو عمل شروع ٿيو.پارليامينٽ جي مدي ختم ٿيڻ کان اڳ ٿيندڙ ھاڻوڪي چونڊن جو اھم پاسو ھي آھي تھ سرويز ۽ ماڻھن جي راءِ بابت مخلتف ادارن جي حاصل ڪيل راين سان اھا ڳالھھ سامھون آئي آھي تھ حڪمران ڪنزرويٽو پارٽي کي شڪست جو خطرو ۽ اپوزيشن ليبر پارٽي جي ڪاميابي جو امڪان آھي.