لاهور (م ڊ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جي صدارت هيٺ مارڪيٽ ۾ اٽي جي اگهن بابت اجلاس ٿي گذريو، اجلاس ۾ فوڊ کاتي جي اختيارين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فوڊ کاتي پاران اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پنجاب ۾ ڪڻڪ تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهي، اجلاس دوران ئي مريم نواز ڪڻڪ جي اسٽاڪ ۽ مارڪيٽ ۾ اگهه بابت تفصيلات گهرائي ورتا ۽ خوراڪ کاتي پاران ڏنل بريفنگ ۾ وڏو واضع فرق ظاهر ٿي پيو، جنهن تي مريم نواز ڪاوڙ جو اظهار ڪندي خوراڪ کاتي جي اختيارين کي ڇنڊ پٽي، مريم نواز چيو ته خوراڪ کاتو آرام ڪري رهيو آهي ۽ مافيا پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي.