ڪلوئي (رپورٽ: نواز لنڊ) ايل بي او ڊي سم نالي جو ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي، ذريعن موجب فنڊن ۾ گهوٻين سبب ڪم رولڙي جو شڪار ٿيل آهي، ٻئي طرف رهواسين الطاف حسين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ايل بي او ڊي سم نالي تي مقرر ٿيل سرويئر ناصر جٽ هاڪڙو پراڻ جي ٺيڪيدار کان مبينا طور وڏي رقم وٺي هاڪڙو پراڻ جو پاڻ کي ايس ڊي او سڏرائي ڳوٺ ٻنهوار آس پاس جي مقامي رهواسين جي ذاتي سروي زمينن مان زوري زبردستي مٽي کڻي مقامي ماڻهن سان ظلم زيادتي ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري هتي جي ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي سخت لهر ڇائينل آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڳوٺ ٻنهوار وٽ سڙيل لڪڙن جي پل جا لکين رپين جا بل ٺاهي ڪڍرايا ويا آهن، جڏهن ته هاڪڙو پراڻ ته مقرر ڪنسلٽنٽ ادارو ۽ آر اي خاموش تماشائي بڻيل آهن، ڄار پتڻ کان وٺي ڪاٺڙي تائين هڪ به موري ناهي جڙي سگهي. زمينن جو پاڻي نيڪالي لاءِ موريون به نه ٺهي سگھيون آهن. واضح رهي ته ڳوٺ ٻنھوار وٽ لڪڙن جي پُل ڪراس ڪندي پنج ماڻهو ٻڏي فوت ٿي ويا آهن، ڳوٺاڻن چيف جسٽس، ورلڊ بئنڪ سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هاڪڙو پراڻ جي هلندڙ ڪم ۾ ڪرپشن ۽ ناصر جٽ خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
LBOD corruption Sindhgovt