واشنگٽن (م ڊ)آمريڪا ۾ سرنهن جو تيل صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي اهو کاڌي ۾ استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.سرنهن جي تيل ۾ شامل يورڪ ايسڊ جي وڌيڪ مقدار سبب ان کي هاڃيڪار قرار ڏنو ويو آهي. ويجيٽيبل آئل کان وڌيڪ صحت بخش سمجهيو ويندڙ تيل آمريڪا ۾ کاڌي ۾ استعمال ڪرڻ تي پابندي هنئي وئي آهي،آمريڪا ۾ ديسي اسٽورن تي موجود ان تيل تي واضح لکيل آهي ته اهو کاڌو پچائڻ لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.ان حوالي سان غذائي ماهر ٻڌائين ٿا ته سرنهن جي تيل کي آمريڪا ۾ ان لاءِ منظور ناهي ڪيو ويندو، ڇو ته ان ۾ يورڪ ايسڊ جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي، ان سبب ڪمزور مدافعتي نظام رکندڙ ماڻهن لاءِ يورڪ ايسڊ جي اعليٰ سطح دل جي امڪاني مسئلن، ڦڦڙن ۽ جلد تي ناڪاري اثرن سان جڙيل آهي.
-
اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي، انڊيڪس 80 هزار تائين پهچي ويو
ڪراچي (رپورٽر)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ انڊيڪس 80 هزار جي نئين بلند ترين سطح تائين پهچي ويو آهي.گذريل ڏينهن به ڪاروباري ڏينهن 100 انڊيڪس ۾ 728 پوائنٽس ۾ واڌ ٿي ۽ ڪاروبار جي اختتام تي انڊيڪس 79552 پوائنٽس تي بند ٿيو.اڄ اربع ڏهاڙي به ڪاروبار جي شروعات کان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي آهي، انڊيڪس 80 هزار جي بلند ترين سطح عبور ڪري چڪو آهي.ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس ۾ 460 پوائنٽس جي واڌ ٿي، جنهن سان انڊيڪس 80 هزار 94 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران هينئر تائين 100 انڊيڪس ۾ 550 پوائنٽس جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس 80 هزار 103 تي پهچي وئي.واضح رهي ته نئين مالي سال جي شروعاتي ٻن ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس وڌيا.