عدالتي رپورٽنگ تي پابندي بابت پيمرا جو نوٽيفڪيشن رد، فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) عدالت پيمرا جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عدالتي رپورٽنگ تي پابندي  بابت پيمرا جي نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جرنلسٽس ايسوسي ايشن جي عدالتي رپورٽنگ تي پابندي بابت پيمرا جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وڪيل اظهر صديق مختلف عدالتن جا حوالا ڏنا ، وڪيل اظهر صديق چيو ته پيمرا جي پابندي معلومات تائين رسائي جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، جيڪڏهن ان معاملي کي هتي نه روڪيو ويو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا. وڪيل اظهر صديق جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد وائيس چيئرمين اسلام آباد بار ڪائونسل عادل عزيز قاضي پاڪستاني ۽ عالمي عدالتن جي فيصلن جا حوالا ڏنا،  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اها ڪهڙي رپورٽ هئي جنهن جا حڪم جاري ڪرڻ هو؟ توهان سڌو سنئون پابندي ڏانهن هليا ويا. جنهن تي پيمرا جي وڪيل سعد هاشمي جواب ڏنو ته پيمرا جڏهن لکت ۾ فيصلو اچي ته رپورٽ ڪري سگهجي ٿو. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، ڪا غلط رپورٽنگ ناهي، مون ڪالهه جيڪا ڳالهه ڪئي اها صحيح رپورٽ ٿي. مون هر سياسي پارٽي جي اڳواڻن جا ڪيس ٻڌا آهن پر هڪ به ڪيس غلط رپورٽ نه ٿيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪا غلط رپورٽنگ ٿئي ٿي ته ان لاءِ به هڪ طريقيڪار موجود آهي. ان تي پيمرا جي وڪيل چيو ته اهي هدايتون ميڊيا چينلز کي جاري ڪيون ويون آهن. هن سپريم ڪورٽ جي هڪ به هدايت تي عمل نه ڪيو ، ان تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته سوال اهو آهي ته معاملو پابندي ڏانهن ڇو ويو؟ تنهنجي اڳيان ڪا شڪايت نه آئي آهي. جيڪڏهن ائين آهي، ته توهان ان کي هتي پيش ڪري سگهون ٿا.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته هتي سمورا ڪيس رپورٽ نه ٿيندا آهن، رڳو پبلڪ جي نوعيت جا ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، اسان تمام گهڻو پوئتي ٿي وينداسين، توهان ٻڌايو غلط رپورٽنگ ٿي آهي ۽ پيمرا ايڪشن ناهي ورتو.  وقت اڳتي وڌي رهيو آهي، پوئتي نه وڃو، اسان تمام پوئتي رهجي وينداسين، جيڪڏهن توهان قانون تي عمل ڪيو ته ڪابه عدالت توهان کي نه روڪيندي. پيمرا جي وڪيل سعد هاشمي جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. پيمرا جي وڪيل سعد هاشمي جواب ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.جنهن بعد عدالت ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس عامر فاروق چيو ته فيصلو ايندڙ هفتي ٻڌايو ويندو. ياد رهي ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي عدالتن ۾ التوا واري ڪيس بابت خبرون يا ٽِڪر هلائڻ تي پابندي لڳائي هئي.

  1. پارٽي ۾ اختلافن تي عمران خان پريشان، ٻن گروپن کي ملاقات لاءِ گهرائي ورتو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پارٽي ۾ اختلافن تي باني پي ٽي آءِ پارٽي جي ٻن گروپن کي ملاقات لاءِ طلب ڪري ورتو آهي، پي ٽي آءِ باني پارٽي ۾ اختلافن تي پريشان آهي،  ٻنهي گروپن کي ملاقات لاءِ اڊيالا جيل طلب ڪري ورتو.  پي ٽي آءِ جي باني عمران ٻنهي گروپن کي اڄ  جولاءِ تي طلب ڪيو ويو آهي.صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي باني چيو ته هو پاڻ ساڻن ڳالهائيندو، معاملو حل ڪيو ويندو.هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته ٻنهي گروپن سان ڳالهه ٻولهه بعد صورتحال کان آگاهه ڪيو ويندو،  فواد چوڌري پاران پي ٽي آءِ قيادت تي تنقيد ۽ اجلاس طلب ڪرڻ بابت سوال جو هن جواب نه ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.