جيڪب آباد ۾ اهلڪار جي قتل ۾ گهربل جوابدار مارجي ويو

جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) جيڪب آباد صدر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن شهيد ڪانسٽيبل شاهنواز کوکراڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن سان پوليس جو مقابلو ٿي پيو، قتل ۾ گهربل جوابدار نوڪر جکراڻي پوليس مقابلي بعد مارجي ويو. ايس ايس پي جيڪب آبادد سيد سليم شاهه موجب، مارجي ويل قتل، پوليس مقابلي، ڦر سميت ٻين سنگين ڏوهن ۾ روپوش ۽ اشتهاري هو.جوابدار جي قبضي مان غير لائسنسي هٿيار ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.