سنڌ اندر حڪومت امن قائم ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن توڙي ڏوهارين کي منهن ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي بس رڳو اعتراف نٿو ڪيو وڃي. سنڌ جو عوام ڪنهن ريت به محفوظ ناهي. رپورٽون آهن ته لکي ۾ ٽئين رات ڌاڙيلن مسافر وين کي يرغمال ڪري پنجن مسافرن کي اغوا ڪري ورتو. غوث پور ۽ بڊاڻي مان اغوا ٿيل ٽي هندو نوجوان اڃا بازياب ناهن ٿيا. خان پور ۾ يرغمالين جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي. اهي ته ٿيون ڌاڙيلن جون وارداتون، ڏوهاري وارداتون اڃا ڌار ٿيون آهن. لاڙڪاڻي ۾ رڪشا هلائيندڙ پورهيت قتل ٿيو، ملير جي سومار ڪنڊاڻي ڀرسان سسي ڪٽيل لاش هٿ آيو، ساماري لڳ ننڊ ۾ ستل دڪاندار کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. اهڙيون لاقانونيت جون خبرون روز جو معمول آهن.
هن جديد ۽ ترقي يافته دور ۾ به عوام پنهنجي جان، مال ۽ عزت کان محروم زندگي گهاري رهيو آهي. ڏسجي ته ماضيءَ ۾هاڻي وانگر اهڙيون خوفناڪ ۽ بي شرمي واريون وارداتون نه ٿينديون هيون. ماضيءَ ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جا به ڪي اصول هوندا هيا. مثال طور اڳي لڪ ڇپ ۾ چوريون ٿينديون هيون، عورتن جو خاص خيال ڪيو ويندو هو. پر هاڻي وارداتون کلي عام ٿين ٿيون. حڪومتون، ٿاڻا، پوليس، رينجرز ۽ عدالتون سندن آڏو بي وس ۽ مڪمل طور تي ناڪام آهن.
اسان جو خيال هو ته هن سال جي ٺهندڙ ۽ چوٿون ڀيرو لاڳيتو حڪومت ڪندڙ پ پ جي سنڌ سرڪار ٽن سالن جي حڪومتي تجربي جي روشني ۾ هيل گڊ گورننس ڏيکاريندي. اها اميد ان ڪري به هئي ته موجوده وڏو وزير مراد علي شاهه کي ٽيون ڀيرو لاڳيتو وڏ وزارت ملي آهي ۽ آءِ جي سنڌ کي وري لاڳيتو ٻيو ڀيرو اهو عهدو مليو آهي پر افسوس ته ان باوجود سنڌ حڪومت جي ٽيم سنڌ ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام وئي آهي. ڌاڙيلن خلاف ڪچي ۾ سخت آپريشن ڪرڻ ۽ شهرن ۾ اسٽريٽ ڪرائيم کي ٻنجو ڏيڻ بابت وڏا اعلان به ڪيا ويا پر نتيجو ڪو نظر نه ٿو اچي. عام تاثر اهو آهي ته پوليس هميشه ڏيکاءُ خاطر بي گناهه کي پڪڙندي آهي ۽ ڌاڙيلن، ڏوهارين، ڦورو ۽ قاتل آزاد گهمندا وتندا آهن. سندن وار ونگو ڪرڻ جي ڪنهن ۾ به همت ناهي هوندي، جنهن سبب لاقانونيت اوج تي آهي.
اسان هنن ايڊيٽوريل ۾ هميشه ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهيون حڪومت چئبو ئي ان اٿارٽي کي آهي جيڪا عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري سگهي جيڪا حڪومت ان فرض جي ادائيگي ۾ ناڪام هجي تنهن کي حڪومت ڪرڻ جو ڪو اختيار ناهي. پر پاڻ کي ان تي وڌيڪ حيرت ٿئي ٿي ته پ پ جي سنڌ حڪومت کي ته لاڳيتو چار ڀيرا حڪومت جو وسيع تجربو هئڻ گهرجي جيڪو بلڪل به نظر نٿو اچي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان کي حڪومت جي ناڪامي چئجي يا نااهلي چئجي؟ اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت ۾ اصل ۾ صلاحيت ئي ناهي ته اها سنڌ ۾ امن امان قائم ڪري سگهي. يا وري ايئن سمجهجي ان جو عوام جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ ڏانهن ڌيان ئي ناهي.
حقيقت ۾ ڏسجي ته هن جديد دور ۾ ڌاڙيلن، ڏوهارين، ڦورن ۽ قاتلن جي نيٽ ورڪ کي نيست ۽ نابود ڪرڻ ته جيڪر ڪو مسئلو ئي نه هئڻ گهرجي پر پاڻ کي حيرت آهي ته هن دور ۾ حڪومتن جي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ ڌاڙيلن، ڏوهارين، ڦورن ۽ قاتلن جو نيٽ ورڪ وڌيڪ سگهارو آهي اهي بدي جون طاقتون جڏهن ۽ جتي چاهين ڪا به ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿيون. اها صورت حال ڪا اڄ جي ناهي، پ پ حڪومت جي گذريل ٽن سالن کان ايئن ئي آهي. بس هڪ مختصر دور اهڙو آيو جڏهن 2013ع ۾ نواز شريف جي حڪومت ۾ ملڪ گير آپريشن ٿيو هو جنهن ۾ ڪمل طور تي امن آيو هو پر پ پ جي سنڌ حڪومت ۾ خاص ڪري 1988ع کانپوءِ ڪڏهن به مثالي امن قائم ناهي ٿوي، جيڪا پ پ حڪومت جي خلاف وڏي چارج آهي.
سو اسان موجوده سنڌ حڪومت کي سڌوسنئون ٻڌائڻ چاهيون ٿاته اوهان جي حڪومتي ڪارڪردگي انتهائي خراب آهي. ڪچي ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، شهرن ۾ موبائل ڦورن جي حڪومت آهي ۽ حڪومت ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. ميڊيا جو ڪم نشاندهي ڪرڻ هوندو آهي، حڪومت سٺو ڪم ڪندي آهي ته اسان ان کي به ساراهيندا آهيون ۽ ڪٿي غلط هوندي ته ان کي به ظاهر ڪبو پر الميو اهو آهي ته اڄ ڪلهه ڪير به پنهنجي اصلاح ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. نشاندهي ڪجي ته چوندا اسان جي خلاف سازش آهي، مخالفن جي پروپئگنڊا آهن. ميڊيا جي رپورٽن کي نه ڏسندا نه پڙهندا بس سڀ ٺيڪ آهي جو راڳ آلاپيندا رهنداجڏهن ته ٻئي پاسي عوام پ پ جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙيل آهي. پريس ڪلب هجن يا روڊ رستا هجن اوهان ڏسندئو ته عوام سراپا احتجاج آهي.
اسان جو حڪومت کان اهو سوال آهي ته اوهان جو چيو هو ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪنداسين تنهن جو ڇا ٿيو؟ ڇا آپريشن جو اهو نتيجو آهي جو چڪ /رستم جهڙن شهرن جي اهم روڊ تان مسافر وين يرغمال ٿي وڃي ٿي ۽ ڪا پوليس ۽ رينجرز انهن جي آڏو نه آئي جنهن ۾ اهي چونڊ پنج مسافر پاڻ سان اغوا ڪري هليا ويا ۽ ڪٿي انهن کي رستن ۾ ڪا رنڊڪ نه آئي ڇو؟ اصولي طور تي ان جو خود وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ڏانهن فوري ڌيان ڏيڻ گهرجي.