سنڌ سرڪار جي بجيٽ ۽ حڪومت جا شاهي خرچ

تحرير: دولت ٿري

هن سال جي مالي بجيٽ ۾ سي ايم هائوس سنڌ جي عياشين لاءِ 13 ارب روپيا منظور ڪيا ويا آهن، جنهن مان هن ڀيري وڏي وزير لاءِ 4 ارب 93 ڪروڙ روپين جو نئون هيليڪاپٽر خريد ڪيو ويندو، جڏهن ته 7 ڪروڙ 93 لک روپين جون نيون لگزري گاڏيون پڻ خريد ڪيون وينديون ۽ انهيءَ کان سواءِ بجيٽ ۾ 20 ڪروڙ روپيه ايئر ٽرانسپورٽ جي مد ۾ پڻ رکيا ويا آهن، جڏهن ته چيو وڃي ٿو ته وڏي وزير وٽ لگزري گاڏين سميت جيٽ جهاز ۽ ٻه هيليڪاپٽر اڳ ۾ ئي موجود آهن، پر ان باوجود ڪروڙين ۽ اربين روپين جون نيون لگزري گاڏيون ۽ هيليڪاپٽر وٺڻ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. افسوس سي ايم هائوس جي فضول خرچن خزاني جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ هر سال قومي خزاني جو اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي.

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سي ايم هائوس سنڌ جي بجيٽ ۾ اسان سنڌين کي بيوقوف ٺاهي هر ڀيري اهو چيو وڃي ٿو ته هن سال سنڌ جي بجيٽ ۾ سي ايم هائوس جا خرچ تمام گھڻا گھٽايا ويا آهن، پر جيڪڏهن پاڻ بجيٽ کي سنجيدگي سان ۽ سهي نموني ڏسنداسين ۽ پڙهنداسين ته اسان کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. سرڪاري دستاويزن ۾ هڪڙي پاسي سي ايم هائوس جي بجيٽ چند ڪروڙ گھٽ ڏيکاري وئي آهي ته ٻئي پاسي سروسز جنرل ايڊ منسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي ۾ صوبائي چيف ايگزيڪيوٽو جي نالي تي بجيٽ ۾ اربين روپين جو هيڪاندو اضافو ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ اچو ته پاڻ بجيٽ جي انگ اکرن تي ٿوري نظر وجهون. سرڪاري دستاويزن موجب هن سال 2024.25ع لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٽوٽل 13 ارب روپين جي بجيٽ ملي وئي آهي، جنهن ۾ صوبائي ايگزيڪيوٽو بجيٽ چهه ارب ٻاهتر ڪروڙ اٺٽيهه لک ستاهٺ هزار روپيه آهي، جڏهن ته خود سي ايم هائوس سنڌ جي هن سال جي بجيٽ هڪ ارب ٻٽيهه ڪروڙ ٻانوي لک ٻٽيهه هزار روپيا آهي.

انهيءَ کان سواءِ هن سال واري مالي بجيٽ ۾ سروسز، جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي طرفان سي ايم سنڌ لاءِ نئون هيليڪاپٽر خريد ڪرڻ واسطي چار ارب ٽيانوي ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته هن وقت سي ايم سنڌ جي استعمال هيٺ هيليڪاپٽر لاءِ پنج ارب چوويهه ڪروڙ ڇاهٺ لک ڇاهتر هزار روپيه ۽ جيٽ جهاز يعني وي آءِ پي فلائيٽ لاءِ ٽيتاليهه ڪروڙ اٺٽيهه لک پنجٽيهه هزار روپيه بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي ۽ انهي کان سواءِ 7 ڪروڙ ٽيانوي لک سٺ هزار روپين جون نيون گاڏيون پڻ خريد ڪيون وينديون، جڏهن ته 20 ڪروڙ روپيه ايئر ٽرانسپورٽ جي مد ۾ پڻ رکيا ويا آهن ۽ ايئن مجموعي طور تي سي ايم هائوس سنڌ لاءِ هن سال 13 ارب روپين جي شاهي بجيٽ منظور ڪئي وئي آهي.

سرڪاري دستاويزن موجب وزيراعليٰ سنڌ کي لگزري گاڏين کان علاوه شاهي سواري لاءِ جيٽ جهاز ۽ هيليڪاپٽر پڻ مليل آهن، جن تي هر سال اربين روپيا خرچ ڪيا وڃڻ ٿا ۽ جن جي بجيٽ سروسز جنرل ايڊ منسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن کاتي مان رليز ٿيندي آهي ۽ هن سال جي ٽوٽل صوبائي ايگزيڪيوٽو بجيٽ چهه ارب ٻاهتر ڪروڙ اٺٽيهه لک ستاهٺ هزار روپيه آهي، جنهن ۾ سي ايم سنڌ يعني وزير اعليٰ سنڌ جي هيليڪاپٽر واري سواري جي ٽوٽل بجيٽ پنج ارب چوويهه ڪروڙ ڇاهٺ لک ڇاهتر هزار روپيه آهي ۽ انهي هيليڪاپٽر لاءِ پنجويهه آفيسرن سميت ٽوٽل ايڪيتاليهه ملازم رکيل آهن، جنهن ۾ هڪ چيف پائليٽ ۽ ست پائيليٽ شامل آهن ۽ هن سال جي بجيٽ ۾ هيليڪاپٽر جي آپريٽنگ لاءِ ست ڪروڙ ايڪانوي لک چائيتاليهه هزار روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريول ۽ ٽرانسپورٽ تي يعني سفري خرچن لاءِ چار ڪروڙ اوڻاهٺ لک يارهن هزار روپيا ۽ جنرل خرچن لاءِ ٻه ڪروڙ اوڻيهه لک پندرهن هزار روپيا رکيا ويا آهن، انهي کان علاوه فزيڪل اثاثن جي مد ۾ چار ارب ٽيانوي ڪروڙ پنجويهه لک ستاويهه هزار ۽ ٽرانسپورٽ جي خريداري يعني نئون هيليڪاپٽر خريدڻ لاءِ به چار ارب ٽيانوي ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. انهي کان علاوه رپيئر ۽ مينٽيننس جي مد ۾ 9 ڪروڙ ٽيهٺ لک ڇاهتر هزار روپيا ۽ ايئر ٽرانسپورٽ جي مد ۾ 9 ڪروڙ سٺ لک سترهن هزار روپيا رکيا ويا آهن.

دستاويزن موجب سي ايم سنڌ کي سواري لاءِ هيليڪاپٽر کان علاوه هڪڙو جيٽ جهاز پڻ مليل آهي، جنهن کي وي آءِ پي فلائيٽ جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن جيٽ جهاز جي هن سال جي بجيٽ ٽيتاليهه ڪروڙ اٺٽيهه لک پنجٽيهه هزار روپيه آهي ۽ انهي جيٽ جهاز لاءِ 9 آفيسرن سميت ٽوٽل اٺٽيهه ملازم مقرر ٿيل آهن، جنهن ۾ جهاز کي هلائڻ لاءِ هڪڙو چيف پائليٽ، هڪڙو پائليٽ ۽ ٻه ڪو پائليٽ مقرر ٿيل آهن ۽ جهاز جي آپريٽنگ لاءِ هن سال بجيٽ ۾ اٺ ڪروڙ اٺٽيهه لک ۽ نوانوي هزار روپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته هن سال ٽريول ۽ ٽرانسپوريشن يعني سفري خرچن لاءِ پنج ڪروڙ ڇهانوي لک پنجيتاليهه هزار روپيا خرچ ڪيا ويندا ۽ انهي کان علاوه جهاز جي جنرل خرچن لاءِ هڪ ڪروڙ ستياسي لک پنجهتر هزار روپيا پڻ رکيا ويا آهن، رپيئر ۽ مينٽيننس جي مد ۾ ويهه ڪروڙ پندرهن لک ٻائيتاليهه هزار رکيا ويا آهن، انهي کان علاوه ايئر ٽرانسپورٽ جي مد ۾ ويهه ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن

ميڊيا رپورٽن موجب سنڌ حڪومت جا ٻه هيليڪاپٽر فنڊ هجڻ باوجود سارسنڀال ۽ مرمت نه ٿيڻ سبب خراب ۽ بند پيا آهن، جڏهن ته 1992ع ۾ نجي ايوي ايشن کان خريد ڪيل ٻئي هيليڪاپٽر اڄ ڏينهن تائين سرڪاري ملڪيت به نه ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته انهن مان هڪڙو هيليڪاپٽر سعيد هادي جي نالي تي خريد ڪيو ويو هو. انهي کان علاوه ميڊيا رپورٽن موجب هيليڪاپٽر ۽ جيٽ جهاز جي بجيٽن ۾ وڏي پيماني تي مبينا ڪرپشن ٿيندي رهي آهي ۽ ماضي ۾ آڊٽ اختيارين 17 ڪروڙن روپين جي مبينا بيضابطگين ۽ بيقاعدگين جي نشاندهي ڪئي هئي، پر ان جو ڪو به کڙتيل نه نڪتو ۽ نه ئي اڄ تائين انهن ذميوارن خلاف ڪا ڪاروائي ٿي.

دستاويزن موجب سي ايم هائوس سنڌ جي هن سال جي مالي بجيٽ هڪ ارب ٻٽيهه ڪروڙ ٻانوي لک ٻٽيهه هزار روپيا آهي، جنهن مان اٺياسي ڪروڙ ٻاونجاهه لک اسي هزار روپيا پگھارن جي مد ۾ ادا ڪيا ويندا، جڏهن ته باقي 44 ڪروڙ اوڻيتاليهه لک ٻاونجاهه هزار روپيا چيف منسٽر هائوس تي خرچ ڪيا ويندا. دستاويزن موجب سي ايم هائوس ۽ سيڪريٽريٽ ۾ ٽوٽل پنج سو ستٽيهه ملازم مقرر ٿيل آهن، جن مان هڪ سو ستاهٺ آفيسرز آهن ۽ وزير اعلي سيد مراد علي شاهه سميت انهن آفيسرن ۽ ملازمن جي لوڌ تي هن سال سرڪاري خزاني مان هڪ ارب ٽيٽيهه ڪروڙ خرچ ڪيا ويندا ۽ مراد علي شاهه هن سال انهي بجيٽ مان پنهنجي سنگت ساٿ ۾ اٺ ڪروڙ روپين جا گفٽ تقسيم ڪندو، گاڏين جي تيل ۽ ڀاڙن خرچن تي اٺ ڪروڙ ٽيهه لک روپيه خرچ ڪيا ويندا، ٻه ڪروڙ روپيا ماني ٽڪي ۽ ڊائيٽنگ فوڊ تي خرچ ڪيا ويندا، سٺ لک جي لڳ ڀڳ يوٽيلٽي بلن تي خرچ ڪيا ويندا، هڪ ڪروڙ ستاويهه لک سار سنڀال ۽ جاسوسي تي خرچ ڪيا ويندا، ٻه ڪروڙ چوٽيهه لک روپيه گرانٽ ۽ سبسڊيز جي مد ۾ خرچ ڪيا ويندا، اٺ ڪروڙ روپيه ٽرانسفرز جي مد ۾ خرچ ڪيا ويندا، ڏهه ڪروڙ کان مٿي فزيڪل اثاثن تي خرچ ڪيا ويندا، ٽرانسپورٽ يعني گاڏين جي خريداري لاءِ ست ڪروڙ ٽيانوي لک سٺ هزار روپيا خرچ ڪيا ويندا، هڪ ڪروڙ روپيه ٻوٽن ۽ مشينري تي خرچ ويندا، چار ڪروڙ پنجٽيهه لک رپيئر ۽ مينٽيننس تي خرچ ڪيا ويندا، ڏيڊ ڪروڙ روپيه بلنڊنگ تي خرچ ڪيا ويندا، پنجاهه لک فرنيچر تي خرچ ڪيا ويندا، 25 لک باغن تي خرچ ڪيا ويندا، ڪميونيڪيشن تي ٽيانوي لک پنجاهٺ هزار رويپا خرچ ڪيا ويندا، هڪ ڪروڙ ستر لک ٽيهٺ هزار جنرل خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته انهي کان علاوه ٻين ڪيترن ئي مدن ۾ لکين ۽ ڪروڙين روپيه خرچ ڪري قومي خزاني جو ستياناس ڪيو ويندو. جڏهن ته ميڊيا رپورٽن موجب گذريل مالي سال دوران سي ايم هائوس سنڌ تي منظور ٿيل بجيٽ کان وڌيڪ 45 ڪروڙ روپيا خرچ ڪيا ويا هئا.

انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيل موقف موجب مون گذريل ڏهن سالن دوران بطور وزيراعليٰ سنڌ هڪڙي به نئين گاڏي نه ورتي آهي ۽ هن وقت بجيٽ ۾ نين گاڏين لاءِ جيڪي به فنڊ رکيا ويا آهن، انهن مان سي ايم هائوس سيڪريٽريٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ نيون گاڏيون ورتيون وينديون، جنهن تي ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گھرجي. باقي وزيراعلي هائوس ۾ مختلف اهم وفد اچن ٿا، انهن کي اجرڪون يا گفٽ وغيره ڏيڻ تي ٻين سمورن صوبن کان گھٽ پئسا رکيا آهن، ان ڪري ان تي به اعتراض نه ڪرڻ گھرجي. مراد علي شاهه موجب هن ڀيري سنڌ حڪومت سوچي سمجهي ۽ وڏي جفاڪشي بعد عوامي بجيٽ پيش ڪئي آهي، جنهن جي وڌ کان وڌ ساراهه ڪرڻ گھرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.