سنڌ جيڪا امن ۽ سلامتيءَ جي ڌرتي سڏبي هئي اڄ اها ڌرتي بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي تباهه ٿي رهي آهي۔ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين ڌاڙيلن ۽ غنڊن جو راڄ قائم ٿي ويو آهي۔ پنهنجن شهرن ۾ گهمندي ماڻهوءَ کي خوف ٿو ٿئي ته متان ڪو حملو ڪري وجهي۔ پنهنجي گهر ۾ بيٺل گاڏي محفوظ ڪانهي۔ بَدامني جي انتها اها آهي جو ڏينهن جو به گهر کي تالا هڻي پوءِ آرام ڪرڻو ٿو پوي۔ شديد بدامنيءَ جي ڪري سِنڌ ۾ گهرو ويڙهه جَهڙيون حالتون پيدا ٿي رهيون آهن،ڇوته ڪنهن جي به جانِ، مال، ۽ عزت مَحفوظ ناهي- جڏهن ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ محفوظ نه هجي ته باقي ڪٿي محفوظ رهي سگهي ٿو۔ هن وقت ماڻهن لاءِ گهران نِڪرڻ به مَحال بَڻجي ويو آهي-
بجيٽ کانپوءِ سنڌ ۾ هِڪ طرف مَهانگائي جي مُصيبت عوام کي وڌيڪ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، ته ٻئي طرف بيروزگار نوجوانن کي پريشانيءَ جي عالم ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي۔جنهن ڪري اسان جو نوجوان نفسياتي مريض ٿيڻ سان گڏ ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ٿي پيو آهي۔ گذريل ڏينهن هلندي گاڏيءَ مان ڦر ڪندي پنجن ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو۔ ان کان پرياڪماريءَ ، چَئن وَرهين جي ثمرت ڪُمار کي اَغوا ڪيو ويو- ڏينهن ڏٺي ماڻهو اَغوا ٿِي رهيا آهن، پوليس مٿان حَملا پيا ٿين،صحافي ماريا پيا وڃن، گهرن ۾ ڳڀرو جوانن جي لاشن اچڻ جو سلسلو وري اچڻ شروع ٿي ويو آهي۔ عورتن جون عزتون محفوظ ناهن۔ معصوم نياڻين کي اغوا ڪري نڪاح ڪيا پيا وڃن۔مَعصوم ٻارن کي گُم ڪري، تَشدد ۽ زنا ڪرڻ بعد لاش پيا مِلن۔نوجوان زهريلي شراب۔ آئيس ۽ ٻيون نشيدار شيون اپنائي اجتماعي خودڪشيون پيو ڪري۔ايتري تائين جو نوشهروفيروز جي پبلڪ پارڪ تي پنجن ستن سالن جا ٻار سرعام چرس پي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل پيا ڪن۔ان جا معاشري تي ڪهڙا اثر پوندا ان جو اندازو توهان پاڻ ڪري سگهو ٿا۔ مسجدون عبادتگاهه بجاءِ گناهن جون آماجگاهه بڻبيون پيون وڃن۔ مذهبي ڪٽرپڻي ۽ فرقيواريت کي هوا ڏني پئي وڃي جنهن ۾ اڳ ئي اسانجو علمي سرمايو ضايع ٿي چڪو آهي۔
ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تائين عَوام سراپا اَحتجاج آهي، هر پاسي مُظاهرا ۽ ڌرڻا ڏنا پيا وڃن، ڪٿي بدامنيءَ خلاف شٽربند هَڙتال جو سَڏ ڏِنو پيو وڃي- ڏَهرڪيءَ ۾ هِڪ نينگريءَ کي مُبينه طور ڏاڍائي ڪري کيس قتل ڪري لاش واهه ۾ لوڙهيو ويو- ٺُل جي جُونگل واري عِلائقي ۾ ڪارنهن الزام هَڻي هِڪ عورت کي قتل ڪيو ويو- ٽَنڊي آدم ۾ نينگريءَ تي تيزاب سان حَملو ڪري، پوءِ وَري ڪاتيون هَڻي کيس رَتورت ڪيو ويو-اسانجون اخبارون ۽ چينلز رڳو بدامنيءَ جي خبرن سان سرشار آهن۔ مطلب ته هر پاسي کان روزانو سوين خبرون ملن ٿيون جن جو موضوع قتل و غارت گري ئي آهي۔ آخر سِنڌ ۾ بَدامنيءَ جي ان فضا جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟۔ اهِڙي ڳنڀير صُورتحال کي منهن ڏيڻ ڪنهنجي زميواريءَ ۾ شامل آهي؟حڪومت نالي ڪابه شيءَ نظر نه ٿي اچي۔ سرڪاري وزيرن کان پڇجي ٿو اهي اکيون بند ڪري ٻُڌائين ٿا ته سڀ ڪُجهه ٺيڪ آهي- سکر بئراج جو ۴۷ دروازو نڪري ويو حُڪمران خاموش۔ درياهه جا بند ڪمزور پيا ٿين پر سرڪار ننڊ۔ عوام هر مُعاملي تي دانهون ڪوڪون ڪري ڪري صفا ساڻو ٿي ٿڪجي پيو آهي- سِنڌ ۾ عوام کان وٺي سرڪار تائين ڌاڙيلن جو راڄ قائم ٿي چڪو آهي ڪوبه فورس انهن خلاف آپريشن ڪرڻ لاءِ ناهي، ڪوبه ادارو اَمُن امان قائم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي سوين صوبائي وفاقي وزير مشير ۽ سينيٽر پارليامينٽ ۾ ويهي مزا ماڻي قومي خزاني کي لٽي رهيا آهن-افسوس ان ڳالهه تي آهي ته وزيراعظم پنهنجي زباني پيو چوي ته اسان آءِ ايم ايف اڳيان مجبور آهيون ۽ انهن جي چوڻ تي بجيٽ ٺاهي اٿئون۔اسان قرض کان سواء ملڪ نه ٿا هلائي سگهون۔ ان کان وڌيڪ نااهلي ڪهڙي چئبي۔ جڏهن وفاق ڪمزور هوندو ته يقينن صوبائي حڪومتون به ڪمزور ٿينديون۔ ان کان بهتر آهي ته صوبائي حڪومتون ختم ڪري سمورا اختيار وفاق هيٺ رهن ان سان قومي خزاني تان هر مهيني کربين روپين جو بار هلڪو ٿي پوندو۔ڇوته اهي وزير رڳو مال ڪمائڻ لاءِ آيا آهن انهن وٽ نه اختيار آهن ۽ نه ئي حڪمت عملي آهي ته پوءِ انهن اسيمبلين جو وجود ڪهڙي حيثيت ٿو رکي۔سنڌ سميت پورو ملڪ ڪرپشن جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي جنهن جا اثر اسيمبلين کان عوام تائين پهچي چڪا آهن ۔
اَمُن امان جي صُورتحال ڪشمير ۽ فلسطين جهڙي ٿي رهي آهي۔ هر عِلائقي ۾ غُنڊن، بَدمعاشن، ڌاڙيلن، ڏوهارين، ۽ بَدبودار ڪِردارن جي مالڪ ڀوتارن جو غلبو قائم ٿي چڪو آهي، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته اسان جي حڪومت ڏوهارين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون پئي ڪري جيڪا نهايت ئي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي۔ اَمُن امان جي ذميوار پوليس، رينجرز، ۽ سِنڌ حُڪومت آهي انڪري ڏوهارين خلاف بيرحماڻو آپريشن ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ سميت پورو ملڪ بدامنيءَ جي باهه مان آجو ٿي سگهي ۽ خوشحاليءَ وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي۔
اَمُن امان جي صُورتحال ڪشمير ۽ فلسطين جهڙي ٿي رهي آهي۔ هر عِلائقي ۾ غُنڊن، بَدمعاشن، ڌاڙيلن، ڏوهارين، ۽ بَدبودار ڪِردارن جي مالڪ ڀوتارن جو غلبو قائم ٿي چڪو آهي، جنهن جو واضح ثبوت اهو آهي ته اسان جي حڪومت ڏوهارين سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ وڏيرن سردارن ۽ ڀوتارن کي راضي ڪرڻ جون ڪوششون پئي ڪري جيڪا نهايت ئي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي۔ اَمُن امان جي ذميوار پوليس، رينجرز، ۽ سِنڌ حُڪومت آهي انڪري ڏوهارين خلاف بيرحماڻو آپريشن ٿيڻ گهرجي ته جيئن سنڌ سميت پورو ملڪ بدامنيءَ جي باهه مان آجو ٿي سگهي ۽ خوشحاليءَ وارو خواب ساڀيان ٿي سگهي۔